ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي، سنڌ پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ مٿانهين علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت اسموگ ۽ ڪوهيڙو رهندو.
اربع تي موسم جي صورتحال بابت موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي، خيبرپختونخواهه جي اڪثر ضلعن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته صبح ۽ رات جي وقت پشاور، چارسده، اسلام آباد ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي.
مردان، صوابي ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڪوهيڙو رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب پنجاب جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌي رهندي، جڏهن ته مري، گليات ۾ موسم ٿڌي رهندي.
صبح ۽ رات جي وقت نارووال، سيالڪوٽ، اوڪاڙه، ساهيوال، گوجرانوالا، لاهور، فيصل آباد، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، جهنگ، خانيوال، ملتان، بهاولپور، خانپور، رحيم يار خان، ڊيرا غازي خان ۾ ڪوهيڙي جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي اڪثر ضلعن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته اترين ضلعن ۾ ٿڌي رهندي.
هوڏانهن اتر اوڀر وارن ضلعن سبي، هرنائي، ڪوهلو، لورالائي، ڊيرا بگٽي، قلات ۽ بارکھان ۾ به موسم خشڪ رهندي، جڏهن ته سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ موسم خشڪ رهندي، جيڪب آباد، موهن جو دڙو، سکر، لاڙڪاڻي، دادو، گهوٽڪي ۽ پڊعيدن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي.
ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي.