ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي صحت کاتي چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ سڀاڻي کان پوليو روڪ مهم شروع ڪئي ويندي.
سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان موجب صوبي ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريا ويندا.
هن چيو ته هلندڙ سال پاڪستان ۾ پوليو جا 5 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، 3 ڪيس خيبر پختونخواهه جي بنون ضلعي ۽ 2 ڪيس ڪراچي جي اوڀر ضلعي ۾ رپورٽ ٿيا آهن.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ٻن مهينن ۾ پوليو وائرس جا ڪيترائي هاڪاري ماحولياتي نمونا رپورٽ ٿيا، ڪراچي جي هاڪاري ماحولياتي نمونن جو تعلق افغانستان جي مختلف حصن سان آهي.
ترجمان چيو ته ڪراچي سڄي خطي جو معاشي مرڪز آهي، هر هر نمونا ظاهر ٿيڻ ڳڻتيءَ جي ڳالهه آهي.
You might also like