طارق جميل جو پٽ نفسياتي مريض هو، آپگهات ڪيو اٿائين: پوليس

ملتان (ويب ڊيسڪ) پوليس جو چوڻ آهي ته ناليواري عالم مولانا طارق جميل جي پٽ عاصم آپگهات ڪيو آهي.
ريجنل پوليس آفيسر (آر پي او) ملتان سهيل چوڌري موجب مولانا طارق جميل جي پٽ آپگهات ڪيو آهي، ڊي پي او آپگهات جي سي سي ٽي فوٽيج ڏٺي آهي.
هن چيو ته عاصم جميل نفسياتي مريض هو ۽ ڪيترن ئي سالن کان دوائون استعمال ڪري رهيو هو، هن 30 بور جي پسٽل سان پاڻ کي گولي هنئي.
پوليس موجب عاصم جميل پنهنجي ملازم عمران کان پسٽل گهرايو، ڇاتيءَ ڏانهن پسٽل ڪيو ته عمران کيس روڪيو.
پوليس ٻڌايو ته عاصم جميل پسند پرڻو ڪيو هو ۽ پوءِ طلاق ٿي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.