عمري جي آڙ ۾ پنڻ لاءِ سعودي عرب ويندڙ پاڪستاني گرفتار

ملتان (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ملتان ايئرپورٽ تان پنڻ لاءِ سعودي عرب ويندڙ هڪ مسافر ۽ ايجنٽ کي گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي ترجمان موجب ايئرپورٽ تي اميگريشن دوران هڪ مسافر کي شڪ جي بنياد تي آف لوڊ ڪري جاچ ڪئي وئي ته هن انڪشاف ڪيو ته پنڻ لاءِ سعودي عرب وڃي رهيو آهي.
مسافر ٻڌايو ته کيس رحيم يار خان سان واسطو رکندڙ هڪ ايجنٽ سعودي عرب موڪلي رهيو آهي.
ايف آءِ اي ڪارروائي ڪندي ايجنٽ کي به گرفتار ڪري ورتو ۽ ٻنهي خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.