آپگهات جي ڪوشش ڪري چڪي آهيان: آئمه بيگ جو وڏو انڪشاف

پاڪستان جي نوجوان گلوڪارا آئمه بيگ پنهنجي نجي زندگي ۾ پيش ايندڙ مسئلن بابت حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
آئمه بيگ تازو هڪ پوسٽ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي ذاتي زندگي جي تڪليف ڏيندڙ پهلوئن کي پهريون ڀيرو پنهنجي چاهيندڙن سان شيئر ڪيو.
آئمه بيگ پنهنجي ماءُ جي لاڏاڻي بابت ڳالهائيندي جذباتي ٿي وئي ۽ چيائين ته مان پنهنجي ماءُ کي وڃايو آهي، مان پنهنجي ماءُ جي گهڻي ويجهو هيس.
هن چيو ته مان لاڏاڻي تائين پنهنجي ماءُ سان گڏ سمهندي هيس، ان جي لاڏاڻي تي صفا نه رُنس، ماءُ جي لاڏاڻي تي نه روئڻ ڊپريشن جو سبب بڻجي ويو هو، جنهن مان هاڻ به گذري رهي آهيان.
سندس چوڻ هو ته هڪ وقت اهڙو به آيو جو مان آپگهات جي ڪوشش ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.