ملڪ ۾ پيٽرول بحران جو خدشو پيدا ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن جي هڙتال سبب ملڪ ۾ پيٽرول بحران جو خدشو پيدا ٿي ويو.
آئل ٽينڪرز ڪانٽريڪٽرز ايسوسيئيشن جي صدر موجب ڪنهن به قسم جي فراهمي نه ڪئي ويندي، گاڏيون جتي آهن اتي ئي روڪيون ويون آهن.
آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن طرفان سڄي ملڪ ۾ هڙتال سبب پيٽروليم شين جي کوٽ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.
آئل ڪمپنيز ايڊوائزري ڪائونسل پيٽروليم ڊويزن کي صورتحال کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
آئل ٽينڪرز ڪانٽريڪٽرز ايسوسيئيشن جي صدر عابدالله آفريدي جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ تيل جي فراهمي نه ڪئي ويندي، ٽينڪر جتي آهن، اتي ئي روڪيا ويا آهن.
واضح رهي ته آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن ڀاڙن ۾ واڌ نه ڪرڻ تي سپلاءِ بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.