ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان ”ڊريپ“ سڄي ملڪ ۾ دوائن جي کوٽ جي شڪايت لاءِ پهريون ڀيرو موبائل ايپليڪيشن متعارف ڪرائي ڇڏي.
لاهور ۾ صوبائي ڊرگ ڪوالٽي ڪنٽرول بورڊ جي ڄاڻايل ايپليڪيشن ذريعي نه رڳو دوائن جي اڻ هوند بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهبي پر اها به خبر پئجي ويندي ته هٿرادو کوٽ ۽ ذخيري اندوزي ڪئي پئي وڃي.
”ڊرگ شارٽيج رپورٽنگ“ نالي متعارف ڪرايل ايپليڪيشن کي انتهائي سادو رکيو ويو آهي ۽ ان کي گوگل پلي اسٽور تان مفت ۾ ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿو.
ڄاڻايل ايپليڪيشن تي شڪايت داخل ڪرائڻ لاءِ ان تي اڪائونٽ ٺاهڻ جي ضرورت نه پوندي پر شڪايت ڪندڙ کي پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ سميت موبائل نمبر به فراهم ڪرڻو پوندو.
شڪايت ڪندڙ کي شهر جو نالو لکڻ سميت دوا جو نالو ۽ ان جو ڊوز (مطلب ڪهڙي نوعيت يا گرام جي دوا) جي ڄاڻ به ڏيڻي پوندي.
ڄاڻايل ايپليڪيشن ذريعي ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي، حيدرآباد، سکر ۽ جيڪب آباد سميت ڪيترن ئي شهرن جا ماڻهو دوائن جي کوٽ بابت شڪايت داخل ڪرائي سگهن ٿا.
توڙي جو ان ايپليڪيشن کي سڄي ملڪ ۾ ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿو پر ان کي اڃا سڀني شهرن ۾ متعارف ناهي ڪرايو ويو.
ايپليڪيشن ذريعي دوائن جي کوٽ جي شڪايت رڳو عام ماڻهو نه پر ميڊيڪل اسٽورن جا مالڪ به ڪري سگهن ٿا.
Next Post
You might also like