ڪشمور: دراني مهر واري علائقي ۾ پوليس جو آپريشن، 3 مغوي آزاد

ڪشمور (ويب ڊيسڪ) ڪشمور جي ڪچي واري علائقي دراني مهر ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي 3 مغوين کي آزاد ڪرائي ورتو
پوليس پاران ڪارروائي دوران آزاد ڪرايلن ۾ مکي جگديش ڪمار، سندس پوٽو جئي ديپ ۽ ڊاڪٽر منير نائچ شامل آهن.
مغوين جي آزادي جي حوالي سان ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ ٻڌايو ته پوليس کي اطلاع مليو ته ڌاڙيل مغوين کي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي منتقل ڪري رهيا آهن، پوليس موقعي تي پهتي ته ڌاڙيلن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ڌاڙيل مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا.
سندس چوڻ هو ته پوليس ڌاڙيلن جي گرفتاري لاءِ ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي، سمورن مغوين جي آزادي تائين آپريشن جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.