انٽرميڊئيٽ جي نتيجن جو اعلان ڪڏهن ٿيندو؟ شاگردن لاءِ اهم خبر اچي وئي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي تعليمي بورڊ طرفان انٽرميڊئيٽ جي امتحانن جي نتيجن جو اعلان سڀاڻي ڪيو ويندو، تعليم بابت نگران وزير مدد علي سنڌي نتيجن جي تقريب جو خاص مهمان هوندو.

وفاقي تعليمي بورڊ انٽرميڊئيٽ جي سالياني امتحانن جي نتيجن جو اعلان سڀاڻي ڪندو، ان حوالي سان امتحانن جي ڪنٽرول ٻڌايو ته 11هين ۽ 12هين جي نتيجن جو اعلان سڀاڻي صبح ساڍي 10 وڳي ٿيندو.

تعليم وارو نگران وزير مدد علي سنڌي نتيجن جي تقريب جو خاص مهمان هوندو.

فيڊرل بورڊ 18 ۽ ان کان مٿئين گريڊ جي سڀني آفيسرن کي نتيجن جي اعلان جي تقريب ۾ شرڪت جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.