آصف زرداري ۽ فصل الرحمان حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جوفيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ حڪومت خلاف ميدان تي اچڻ جون تياريون تيز ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي.

ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي صدر آصف علي زرداري ۽ جي يو آءِ ( ف ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ گذريل رات ملاقات ٿي جنهن ۾ حڪومت مخالف تحريڪ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته ان موقعي تي آءِ ايم ايف ۽ ٻين قومي مسئلن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي .

ذريعن ٻڌايو ته ٻنهي اڳواڻن سمورن سياسي قوتن کي گڏ ڪرڻ ۽ ٻين سياسي پارٽين سان رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

ذريعن موجب آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان ۾ اتفاق ٿيو آهي ته عوام مهانگائيءَ هٿان تنگ ٿي ويو آهي.

ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ حڪومت خلاف ميدان ۾ اچڻ جون تياريون تيز ڪرڻ تي به اتفاق ٿيو جنهن طئي ڪيو ويو ته عيد کان پوءِ اسلام آباد ڏانهن مارچ جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو ويندو.

You might also like