اينٽي ڪرپشن هٿان گرفتار ظفر جهنڊير کي عدالت باعزت بري ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اينٽي ڪرپشن عدالت بلاول ڀٽو زرداري جي نالي تي هائوسنگ اسڪيم اسڪينڊل ۾ گرفتار ڪيل اسڪيم جي سي اي او ظفر جهنڊير کي باعزت بري ڪري ڇڏيو.

اينٽي ڪرپشن بلاول ڀٽو ويلفيئر هائوسنگ اسڪيم جي سي اي او ظفر جهنڊير کي عدالت ۾ پيش ڪيو.

اينٽي ڪرپشن عدالت ظفر جهنڊير خلاف گذريل ڏينهن داخل ٿيل ايف آءِ آر کي قانون جي خلاف قرار ڏيندي ايف آءِ آر کي خارج ڪري  ظفر جهنڊير کي باعزت ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.