هوشيار! يوٽيوب وڏو اعلان ڪري ڇڏيو…

 

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) يوٽيوب نسل پرستي ۽ تعصب تي ٻڌل ويڊيوز تي پابندي جو اعلان ڪيو آهي ۽ ان پابندي تي عمل اڄ کان ٿيندو.

يوٽيوب جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ اهو سسٽم مڪمل طور فعال ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو پر پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي يوٽيوب پارٽنر پروگرام مان معطل ڪيو ويندو.

انتظاميا جو چوڻ هو ته عمر، جنس، نسل، خاندان ۽ مذهب جي بنياد تي تعصب يا فرق جو ڪو جواز پيش نٿو ڪري سگهجي.

يوٽيوب موجب چڙ ڏياريندڙ تقريرن خلاف پاليسي سميت يوٽيوب سدائين قانونن تي عمل ڪندو رهيو آهي، چڙ ڏياريندڙ تقريرن خلاف پاليسي ۾ وڌيڪ هڪ قدم کڻي رهيا آهن.

انتظاميا جي بقول ايندڙ ڪجهه مهينن دوران پابندين جو دائرو وڌايو ويندو ۽ نفرت تي ٻڌل مواد هلائيندڙ چئنلن يا ٻين monetization features  تي اشتهار نه هلائي سگهبا.

You might also like