ڪابينا جو اجلاس: نوجوانن کي قرض ڏيڻ جي منظوري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مدگار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته ڪامياب نوجوان پروگرام لانچ ڪري رهيا آهيون، آسان شرطن تي نوجوانن کي قرض ڏنا ويندا، نوجوان پروگرام ۾ 25 سيڪڙو قرض عورتن جي لاءِ هوندو.

تفصيل موجب وزير اعظم جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مدگار فردوس عاشق اعواڻ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ هن ٻڌايو ته ڪابينا جي 10 نقطن واري ايجنڊا مان 9 تي ڳالهيون ٿيون، عام پاڪستانين سان سلهاڙيل 2 اهم جز آهن. هڪ تعليم ۽ ٻيو ڪامياب نوجوان.

خاص مددگار ٻڌايو ته اڄ تعليم واري وزير مفصل گڏيل پاليسي پيش ڪابينا جي سامهون پيش ڪئي، سموريون صوبائي حڪومتون اهم قومي مسئلن تي ڳالهيون ڪن. ڪابينا ۾ اڍائي ڪلاڪ تائين رڳو تعليمي پاليسي ڳالهيون ٿيون.

هن چيو ته 18 کان 35 سالن جي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ غور ڪيو ويو ته حڪومت نوجوانن کي ڪٿي ڪٿي سپورٽ ڏئي سگهي ٿي. نوجوانن جي لاءِ روزگار ۽ ڪاروبار جا موقعا پيدا ڪيا پيا وڃن.

خاص مددگار جو چوڻ هو ته ڪامياب نوجوان پروگرام لانچ ڪيو پيو وڃي، آسان شرطن تي نوجوانن کي قرض ڏنا ويندا، نوجوان پروگرام ۾ 25 سيڪڙو قرض عورتن جي لاءِ هوندا.

هن چيو ته تعليمي پاليسي ۾ لٽريسي ريٽ ۽ ووڪيشنل ٽريننگ جا هدف طئي ڪيا، نوجوانن کي اثاثو بڻائي رهيا آهيون. هڪ لک کان 5 لک تائين قرض ڏنا ويندا ۽ 5 لک کان 50 لکن تائين جا به قرض ڏنا ويندا، نوجوانن نه رڳو پنهنجو بار کڻند  پر نوڪرين جا موقعا ڏيندا.

خاص مددگار جو چوڻ هو ته اسلام آباد ۾ نئون لوڪل بورڊ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي جي وائس چانسلر جي منظوري ڏني وئي، وزير اعظم هائير ايجوڪيشن ڪيمشن کي عالمي يونيورسٽي سان وڌ کان وڌ الحاق جي منظوري ڏني وئي آهي.

هن چيو ته موجوده حالتن ۾ مخالف ڌر جي بي چيني تي ڳالهيون ڪيون ويون، اڄ ڊالر جي ٻيهر ڊگهي اڏام سان ماڻهو پريشان آهن. ڊالر جي ڊگهي اڏام تي ڪابينا ۾ ڳالهيون ٿيون، ڏکئي صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ عوام جي طاقت تي يقين آهي. ڇنڇر ڏينهن ناڻي وارو صلاحڪار بريفنگ ڏيندو، ناڻي وارو صلاحڪار ڇنڇر تي معيشت ۽ ڊالر جي اڏام تي ذهنن ۾ موجود سوالن جا جواب ڏيندو.

خاص مددگار ٻڌايو ته  ناڻي واري صاحڪار ڊالر بابت حقيقتن کان ڪابينا کي آگاهه ڪيو، اي سي سي ۾ فيصلن جي به ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

هن چيو ته نيب هڪ آزاد ۽ خودمختيار ادارو آهي، نيب رياست جو هڪ اهڙو ادارو آهي جيڪو آئين جي ماتحت آهي.جتي ڏکيا وسيلا هوندا آهن حڪومت نيب جي سهولتڪار ٿي سگهي ٿي.  نيب کي ڪارروائين ۽ ڇاپن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، نيب چيئرمين جي ترجمان جو موقف سامهون رکڻ گهرجي. نيب ڪارروائين تي مخالف ڌر کي خدشا آهن ته عدالتون آهن.

هن وڌيڪ چيو ته جتي سمجهون ٿا ته نيب حدون اورانگهيون آهن ته عدالت ۾ وڃو، مخالف ڌر پهرين ئي عدالتن جا دروازا کڙڪائي رهي آهي. مخالف ڌر هاڻ دروازا زور زور سان کڙڪائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. مخالف ڌر نيب کي ڌمڪين بدران سوالن جا جواب ڏئي.

You might also like