يخني پلاءُ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)  برياني هونئن ته  هر شخص کي پسند هوندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن وات جو ذائقو مٽائڻ لاءِ چانورن جي کي هلڪي لوڻ مرچ سان به کائڻ گھرجي جيڪو ذائقي ۾ ڪنهن طور به برياني  کان گھٽ ناهي.

ان ڪري اڄ اسان اوهان کي وڌيڪ يخني پلاءُ  پچائڻ جي ترتيب ٻڌائي رهيا آهيون.

شيون:

گوشت : اڌ ڪلو

چانور: اڌ ڪلو

پيٺل ادرڪ ۽ ٿوم:  کائڻ جو هڪ چمچو

سونف: چانهه هو هڪ چمچو

ثابت ڌاڻا: چانهه جو هڪ چمچو

ثابت ڪارا مرچ: 6 کان 8 عدد

لونگ: 4 کان 6 عدد

دال چيني: 2 انچ جو ٽڪرو

ساوا مرچ: 6 کان اٺ عدد

ساوا ڌاڻا: اڌ ويڙهي

ڦودنو: اڌ ويڙهي

تيل: اڌ پيالو

تڪيب

سڀ کان پهريان گوشت کي صاف ڌوئي 4 پيالا پاڻي وجهي اٻرڻ لاءِ رکي ڇڏيو.

جڏهن اٻري وڃي ته ان ۾ سونف، ڌانا، ثابت ڪارا مرچ ۽ هڪ بصر وجهي ڇڏيو.

پاڻي جڏهن 3 پياليون پچي ته گوشت ڪڍي ڌار رکي يخني ڇاڻي وٺو.

ديڳڙي ۾ تيل کي هلڪي باهه تي 1 کان 2 منٽ گرم ڪيو.

لونگ ۽ دال چيني وجهي گڏايو ۽ ان بصر کي سونهري فرائي ڪري وٺو.

ان ۾ ادرڪ، پيٺل مصالحو ۽ گوشت وجهي چار کان پنج منٽ ڀڃيو.

هاڻ چانور ۽ لون وجهي سٺي طريقي مڪس ڪيو ۽ يخني وجهي ڇڏيو.

هلڪي باهه تي پاڻ خشڪ ٿيڻ تائين پچايو پوءِ هلڪي باهه تي 5 کان 7 منٽ دم تي رکي ڇڏيو.

دم ٿيڻ بعد گدما گرم ڪڍي سرو ڪيو.

You might also like