YahClick طرفان پاڪستان ۾ انويٽيشنل گولف ٽورنامينٽ ڪرائي وئي

 

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) گڏيل عرب امارتن ڄائي گلوبل سيٽلائيٽ آپريٽر Yahsat جي سيٽلائيٽ بروڊ بينڊ سروس YahClick ۽ ان جي پارٽنر Hughes Network Systems طرفان 7 جولاءِ آچر تي YahClick انويٽينشنل گولف ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب ڪرائي وئي.

ڪراچي گولف ڪلب ۾ ٿيل ان ٽورنامينٽ ۾ YahClick جي پاڪستان ۾ موجود سروس پارٽنرRedtone Telecommunications Pakistan Private Limited, Nexlinx Networks Private Limited, Pak Datacom Limited and Supernet Limited سان گڏ ميڊيا، تازن ۽ امڪاني صارفن شرڪت ڪئي.

هنن ان عمل کي ساراهيو ته اها سروس ملڪ ۾ ڊجيٽل سهولت ميسر هجڻ ۽ ميسر نه هجڻ وارن حصن کي گڏ آڻڻ ۾ مدد ڪري رهي آهي، اڄ YahClick پاڪستان جي ڏورانهن علائقن ۾ گهرن ۽ ڪاروباري ماڻهن تائين ۽ خاص طور تي SMEs، بئنڪاري، تيل ۽ گئس، صحت، تعليم، تعمير، ميڊيا ۽ حڪومت جي سڀني وڏن ادارن ۾ ڪنيڪٽوٽي فراهم ڪندو آهي، ان سان گڏ ئي YahClick ڪيترن ئي طريقن سان پاڪستان ۾ سماجي تبديلي آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

ان سلسلي ۾ عالمي مارڪيٽن تائين تڪڙي پهچ سان گڏ ڪاروبار جي فراهمي، ملڪ جي سڀ کان اهم انفرا اسٽرڪچر کي جوڙڻ، ان سان گڏ ڏورانهن علائقن ۾ مشهور بئنڪن لاءِ ATMs جي سهولت، آن لائن تعليم ۽ صحت جي سار سنڀال جي حوالي سان ماڻهن لاءِ انٽرنيٽ جي وڌ کان وڌ پهچ فراهم ڪرڻ شامل آهي.

ان موقعي تي YahClick جي ريجنل ڊائريڪٽر ساجد مڱريو چيو ته اعتماد جوڳي ۽ اثرائتي لاڳت ۾ بروڊبينڊ سروسز ذريعي پاڪستان ۾ سماجي ۽ معاشي حوالي سان امڪاني ترقي جا رستا کولڻ ۾ YahClick جو ڪردار اجاڳر ڪرڻ لاءِ هيءَ ٽورنامينٽ قدر جوڳي هئي، YahClick سڀ کان پهريون ادارو آهي، جنهن سڄي پاڪستان ۾ وڌيڪ سگهه رکندڙ ۽ اعتماد جوڳي ڪنيڪٽوٽي فراهم ڪرڻ لاءِ Ka-band High Throughput Satllite (HTS) technology کي متعارف ڪرايو. جتي ٽريسٽريئل سروسز جي پهچ ممڪن نٿي ٿي سگهي، اتي YahClick سروسز multi-spot beam technology جو استعمال ڪندي ڏورانهن علائقن ۾ بهتر ڪارڪردگي کي يقيني بڻائيندو آهي.

سندس چوڻ هو ته 2015 ۾ شروعات وقت YahClick قوم سان پڪو واعدو ڪيو هو ۽ اسان پنهنجي معزز سروس پارٽنرز سان گڏجي ان واعدي کي پورو ڪيو، جنهن جي ڪري اسان جي سڃاڻپ ۽ ان جي مثبت تاثر تيزي سان پنهنجي جاءِ ٺاهي.

ساجد مڱريو تقريب ۾ ايندڙن جا ٿورا مڃيا ۽ کٽيندڙ رانديگرن کي مبارڪون ڏنيون. مين ايونٽ ۾ رانديگرن گولف جي تخليقي ٿيم تي ٻڌل سرگرمي ۾ حصو ورتو، جنهن جو مقصد روايتي ٽريسٽريئل انٽرنيٽ سروسز جي ڀيٽ ۾ YahClick جي فائدن جو مظاهرو ڪرڻ هو. پڄاڻي انعامن جي ورهاست ۽ ڊنر جي تقريب تي ٿي.