مائرن جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌ جو عورتون

سڄي دنيا ۾12 مئي کي مائرن جي عالمي ڏينهن “ Mothers Day ” جي نالي سان ملهايو ويندو آهي، پروگرام ۽ تقريبون ڪوٺائي مائرن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آهي، امڙ جو رشتو دنيا جي سڀني رشتن کان غظيم ۽ اتم آهي، هڪ ماءُ ڌرتي آهي جيڪا انسان کي پنهنجي سيني تي سانڍي ٿي ۽ ٻي ماءُ جيجل امڙ آهي جيڪا جنم ڏئي هي دنيا ڏيکاري ٿي ۽ تڪليفون ۽ ڪشالا ڪاٽي نپائي وڏو ڪري ٿي، اولاد ماءُ پيءُ کي ڪيترو به سک ڏئي پر هو انهن جي اوجاڳي ۾گذاريل هڪ پل جو به ازالو  نٿو ڪري سگهي. هن عظيم رشتي جي عظمت لاءِ ڪنهن شاعر بلڪل ٺيڪ چيو آهي ته :

رشتا ٻيا به گهڻا، پر امڙ جيجل زور آ

مائرن جي عالمي ڏهاڙي تي جڏهن سڄي دنيا ۾کين ڀيٽا پيش ڪرڻ جون تقريبون ٿي رهيو آهن اتي سنڌ جو امڙيون سمورن بنيادي ۽ انساني حقن کان محروم آهن، اسان عورتون اڳ ئي سماجي اڻ برابريءَ جو شڪار هجڻ ڪري ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهن، کنڀي گم ڪيل ماڻهن جون مائرون ٻچن جي آزاديءَ لاءِ سراپا احتجاج آهن، ٿر جون مائرون روزانو معصوم ٻارن جا لاش کڻي رهيون آهن، پاڻي کوٽ سبب سخت سوڪهڙي جو شڪار بدين جي هارين جون مائرون پاڻي لاءِ روڊن تي آهن، رتي ديري ۾بيمارين ۾ورتل ٻارڙن جون مائرون اولاد جي علاج لاءِ دربدر آهن، مجموعي طور ديس جي عورت ۽ سنڌ جون امڙيون انيڪ انيائن جو شڪار آهن، ڪٿي اسپتال نه هجڻ ڪري سنڌ جي عورت ڀوڳي ٿي ته ڪٿي وري گئس نه هجڻ ڪري ٻچن جي پيٽ گذر لاءِ ڇيڻا ٻارڻ ڪري بيمارين ۾وڪوڙجي ويون آهن، ڪٿي روڊن جي سهولت نه هجڻ ڪري سنڌ جي عورت خراب رستن سبب ماءُ بڻجڻ کان اڳ ئي پيٽ ۾پاليل ٻارڙي سميت فوت ٿي وڃي، 12 مئي ۽ بلديا سانحي ۾شهيد ٿيل پورهيتن جو امڙيون انصاف لاءِ سراپا احتجاج آهن، سنڌ جون حالتون ڪنهن به ريت عوام سميت عورتن لاءِ به سازگار ناهن.

ڀينر هن ڀنڀور ۾، دوزخ جو دونهون (ڀٽائي )

سنڌ جون مائرون ۽ عورتون هڪ طرف حڪومتي بي حسي سبب مسئلن جو شڪار آهن ته ٻي طرف هو سماجي اڻ برابري ۽ پنهنجن جا ظلم به ڀوڳي رهيون آهن، ڪٿي پٽ هٿان ماءُ جو قتل ۽ ڪٿي وري مٿس هٿان زال جي مارجڻ جون خبرون روزاني اخبارن ۾شايع ٿين ٿيون جيڪي اسان جي سماج جو خراب چهرو وائکو ڪن ٿيون، سنڌ جي عورت کي ڪٿي ڪارڪنهن الزام هيٺ ماريو ٿو وڃي ته ڪٿي سڱ چٽي ۾ڏني ٿو وڃي، اسان وٽ عورتون سان اهڙو رويو ئي اسان جي ڪيترن ئي مسئلن جو سبب آهي، ڇو ته عورتن جي برابري بنا ڪو به سماج ترقي نٿو ڪري سگهي، جيڪا ڳالهه اسان کي نه صرف سمجهڻي پوندي پر عورتن کي آزادي ڏئي انهن مان مايوسي ختم ڪري کين مردن جي برابر بيهارڻو پوندو.

سرتيون رڳي سڃ، متان ڪا مون سين هلي (ڀٽائي )

اڄ سڄي دنيا ۾جڏهن مائرن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي ته ان ڏينهن اسان سنڌ واسين کي به گهرجي ته پنهنجي امڙين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ سڀني عورتن جي برابري لاءِ ڪردار ادا ڪيون ۽ سنڌ جي ممتا جيڪا هن وقت هزارين تڪليفن کي منهن ڏئي رهي آهي ان جا ڏک گهٽائڻ لاءِ پتوڙيون، ڇو ته هر ماڻهو جي ڪوشش بنا سماج ۾عورتن کي برابري نٿا ڏياري سگهون، ڇو ته سماج جي هر عمل ۾سڌي يا اڻ سڌي طرح اسان جي شرڪت آهي، ملڪ جي واڳ ڌڻين، اختيارين، حڪمرانن ۽ چونڊيل نمائندن کي به ماءُ جي ممتا جو ڀرم رکندي عوام جي امڙين کي سهولتون جي فراهمي لاءِ نيڪ نيتي سان ڪم ڪرڻ گهرجي، جيڪي ماڻهن کي گم ڪن ٿا انهن جي به ڪا ماءُ هوندي انهن کي به ممتا جو خيال ڪرڻ گهرجي، ٿر ۾ٻارن جا موت هجڻ يا سنڌ ۾پاڻي جي کوٽ، بيماريون هجن يا روڊ حادثا انهن سڀني مسئلن جي حل لاءِ جوڙيل ادارن جي سربراهن کي به امڙ جي عظمت خاطر انهن سڀني مسئلن جي حل لاءِ سنجيدگيءُ سان سوچڻ ۽ لوچڻ گهرجي جن سان سنڌ جي امڙ کي تڪليف پهچي رهي آهي ۽ هو ٻچن لاءِ ڪشالا ڪاٽي رهيون آهن:

ڏکي سنديون ڏنگرين، اوڇنگارون اچن (ڀٽائي )

سو مائرن جي عالمي ڏهاڙي تي اسان سڀني کي اهو ئي وچن ڪرڻ گهرجي ته پنهنجي جيجل امڙ کي سک ڏيڻ سميت سنڌ جي سڀني امڙين جي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪري هڪ بهترين سماج جوڙينداسين، جتي عورت مڪمل طور آزاد ۽ خودمختيار هوندي، ڪنهن به حوا ڄائي ئي بيدرديءِ سان قتل ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪنهن عورت کي سڱ چٽي ۾ڏيڻ نه ڏينداسين ۽ سماج ۾عورت جي اعليٰ مقام لاءِ پتوڙينداسين.

سدا جيئن مائرون، سنديون صالحن.

You might also like