خوراڪ جو عالمي ڏينهن: کاڌي کي زيان ٿيڻ کان بچايو

اٽلي (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن حساب لڳايو وڃي ته سڄي دنيا ۾ هر روز گھڻي مقدار ۾ کاڌو زيان ڪيو ويندو آهي ۽ اڄ به اهڙا ڪيترائي ماڻهو موجود آهن جيڪي هڪ وقت جو کاڌو کائڻ کان به محروم آهن.

گھر ۾ کائڻ کان وٺي هوٽل تي وڃي کائڻ تائين ماڻهون ڪيترو ئي کاڌو زيان ڪندا آهن، جيڪو بعد ۾ ڪچري جو حصو بڻجي ويندو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: ڪچيون ڀاڄيون ۽ ميوا کائڻ سان دماغي صحت سٺي رهي ٿي: تحقيق

اڄ پاڪستان سوڌو سموري دنيا ۾ 16 اڪٽوبر تي خوراڪ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ خوراڪ کي محفوظ بڻائڻ بابت شعور پيدا ڪرڻ آهي.

۽ اڄوڪي ڏينهن اوهان به پاڻ سان واعدو ڪيو ته کاڌي کي زيان ٿيڻ کان محفوظ رکندئو.

هيٺ ڏنل 8 طريقن سان کاڌي کي زيان ٿيڻ کان بچايو:

خريداري جي لسٽ ٺاهيو

خريداري ڪرڻ دوران اهڙيون ڪيتريون ئي شيون خريد ڪيون وينديون آحن جنهن جو استعمال به ناهيون ڪندا ان کان بچڻ جو هڪ بهترين طريقو اهو آهي ته اوهان کي ڪجهه وٺڻو آهي ته ان جي هڪ فهرست ٺاهي وڃي جنهن کان پوءِ اوهان اهڙو ڪجهه به خريد نه ڪيو جيڪو زيان ٿئي.

منجمد کاڌو يا دٻي ۾ بند ٿيل کاڌو خريد ڪيو

گھڻن ماڻهن جو چوڻ آهي ته دٻي جو کاڌو يا منجمد کاڌو صحت لاءِ فائديمند ناهي هوندو ۽ ان ۾ وٽامنز به گھٽ هونديون آهن پر حقيقت ۾ ان ڳالهه ۾ ڪا به سچائي نه آهي، اهو کاڌو اوترو ئي فائديمند هوندو آهي جيترا ٻيا پڪوان . ان جو سبب اهو آهي ته اهو کاڌو تيار ٿيڻ بعد ڄمايو ويندو آهي جنهن ڪري ان ۾ شامل وٽامنز محفوظ رهنديون آهن. دٻي جو کاڌو جنهن ۾ ميوا، گوشت وغيرهه شامل آهن سولائي سان ملي ويندا آهن.

بچيل کاڌي کي فرج ۾ رکي ڇڏيو

پنهنجي هڪ وقت کاڌي بچڻ کان بعد ان کي اڇلڻ يا زيان ڪرڻ بدران ڄمايو ته جيئن اهو بعد ۾ ڪم اچي سگھي، يا اهو کاڌو ڪنهن ٻئي کي ڏئي ڇڏيو ته جيئن اوهان ذريعي ڪنهن جو پيٽ ڀرجي.

بچيل کاڌو، چانور، مرغي يا گوشت جهڙيون شيون سولائي سان ڄمائي سگھجن ٿيون ۽ انهن جو بعد ۾ به استعمال ڪري سگھجي ٿو.

ضرورت نه هجي ته هر روز کائڻ جو شيون خريد نه ڪيو

جيڪڏهن گھر ۾ اڳ کان کائڻ جو سامان موجود آهي ته وڌيڪ خريداري ڪو مندي جو خيال نه آهي. حقيقت ۾ انسان بک ۾ اهو سڀ ڪجهه خريد ڪري وٺندو آهي جيڪو کيس استعمال ناهي ڪرڻو پوندو ۽ اهو ئي سبب آهي جو کاڌو زيان ٿي ويندو آهي. کائڻ پيئڻ جو سامان اوترو ئي خريد ڪيو وڃي جيترو استعمال ڪرڻو هجي.

کاڌي کي صحيح طريقي سان محفوظ ڪيو

ڪهڙيون ڀاڄيون ۽ ميوا فرج ۾ رکڻ گھرجن ۽ ڪهڙيون فرج کان ٻاهر ان ڳالهه جو اندازو ته اوهان کي هوندو. ڇا اوهان کي خبر آهي ته بصر، ٿوم ۽ پٽاٽي کان سواءِ باقي ڀاڄين کي فرج ۾ رکڻ گھرجي جيتوڻيڪ ميون ۾ ڪيلي کي فرج کان ٻاهر ۽ ٻين ميون کان پري رکڻ گھرجي ڇو جو اهو ٻين ميون کي خراب ڪري ڇڏيندو آهي.

پاڙيسرين جو خيال رکو

هڪ دور هوندو هو جڏهن ماڻهو پاڙيسرين جو خيال رکندا هئا جيتوڻيڪ اڄ جي دور ۾ ماڻهون اهي سڀ ڳالهيون وساري چڪا آهن. هن عالمي ڏينهن تي پنهنجي پاڙيسرين جو خيال رکو ۽ پاڙيسرين کي به کائڻ لاءِ موڪليو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.