عالمي ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل محمد حفيظ ” فٽ“ نه ٿي سگهيو…..

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ آل رائونڊر محمد حفيظ فٽنس مسئلن مان مڪمل طور تي ڇٽڪارو حاصل نه ڪري سگهيو آهي جنهن سبب هو پريڪٽس مئچن کان پوءِ انگلينڊ خلاف سيريز جي واحد ٽي ٽوئنٽي ميچ ۽ شروعاتي ٻن ون ميچن ۾ به حصو نه وٺي سگهندو.

زخمي آل رائونڊر محمد حفيظ 23 اپريل تي ٽيم سان گڏ انگلينڊ روانو ٿيو، جتي هن باقاعدا ٽريننگ پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي پر کيس انگلينڊ ۾ ڪينٽ، ناٽنگهم شائر ۽ ليسٽر شائر خلاف پريڪٽس مئچن ۾ نه کيڏايو ويو هو.

حفيظ نه رڳو انگلش ٽيم خلاف واحد ٽي ٽوئنٽي مقابلي ۾ حصو نه وٺندو پر هو اٺ مئي تي تي لارڊز ۽ يارنهن مئي تي سائوٿيمپٽن ۾ ٿيندڙ ٻي ون ڊي ميچ ۾ به ٽيم جو حصو نه هوندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر سميع الحسن برني خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته هنيئر تائين جي صورتحال جي نظر ۾ رکندي اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته محمد حفيظ 14 مئي تي برسٽل جي ٽئين ون ڊي ميچ ۾ امڪاني طور شرڪت ڪري سگهي ٿو.

ياد رهي ته پروفيسر حفيظ 2015ع تي عالمي ڪپ جي اسڪواڊ ۾ به شامل هو، پر فٽنس مسئلن کان پوءِ سندس جاءِ تي اسڪواڊ ۾ ناصر جمشيد کي شامل ڪيو ويو هو.

You might also like