ورلڊ ڪپ: سريلنڪا ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٿيندڙ ميچ برسات سبب دير جو شڪار

برسٽل ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ ورلڊ ڪپ جي اڄ کيڏي ويندڙ ميچ برسات سبب دير جو شڪار ٿي وئي آهي.

انگلينڊ اينڊ ويلز ۾ ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ جا دلچسپ مقابلا جاري آهن.

  آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2019ع جي 16 هين ميچ ۾ سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي ٽيمن کي پاڪستاني وقت موجب منجهند اڍائي وڳي آمهون سامهون ٿيڻو هو پر برسات سبب هنيئر تائين ٽاس به نه ٿي سگهي آهي.

 واضح رهي ته ميگا ايونٽ ۾ قومي ٽيم پنهنجي چوٿين ميچ سڀاڻي آسٽريليا خلاف کيڏندي.

You might also like