ورلڊ ڪپ: ميزبانن دفاعي چيمپيئن آسٽريليا کي آئوٽ ڪلاس ڪري فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي

 

برمنهگم (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2019 جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ميزبان انگلش ٽيم دفاعي چيمپيئن آسٽريليا کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.

برمنگهم جي ايجبسٽن گرائونڊ ۾ آسٽريلوي ڪپتان ايرون فنچ ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو ۽ ڪينگروز ڪپتان کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويو.

آسٽريلوي ٽيم ان صدمي مان نڪتي ئي نه ته 9 جي مجموعي اسڪور تي ڊيوڊ وارنر به آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته پيٽر هيڊسڪومب پڻ گهڻي دير وڪيٽ تي نه بيهي سگهيو ۽ رڳو 4 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو.

چوٿين وڪيٽ تي ڪيري ۽ سمٿ ٽيم کي سهارو ڏنو ۽ اسڪور کي اڳتي وڌايو پر 117 جي مجموعي اسڪور تي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين به 46 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ وڪيٽ وڃائي ويٺو، جنهن کانپوءِ مارڪس اسٽوئنس ٻڙي تي پويلين موٽي ويو.

جڏهن آسٽريلوي ٽيم جو اسڪور 157 جي مجموعي اسڪور تي پهتو ته گلين ميڪسويل به همت هارائي ويٺو، جنهن 22 رنسون ٺاهيون.

هوڏانهن اسٽيون سمٿ ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 85 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ ٽيم جو اسڪور 217 تي پهچائي بدقسمتي سان رن آئوٽ ٿي ويو.

آسٽريلوي ٽيم 49 اوورن ۾ 223 رنسن تي ڍير ٿي وئي، انگلينڊ طرفان ڪرس ووڪس ۽ عادل رشيد 3-3، جڏهن ته فوجرا آرچر 2 ۽ مارڪ ووڊ هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب ۾ ميزبان ٽيم گهربل هدف 32.1 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي ٽارگيٽ پورو ڪري فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.

جيسن راءِ 85 رنسن جي بهترين اننگز کيڏي، جڏهن ته جو روٽ 49، ڪپتان اين مورگن 45 ۽ جوني بيئر اسٽو 34 رنسن سان اڳڀرا رهيا.

آسٽريليا طرفان مچل اسٽارڪ ۽ پيٽ ڪمنز هڪ – هڪ شڪار ڪيو.

انگلينڊ جي ٽيم آچر ڏينهن ٽائيٽل ماڻڻ لاءِ نيوزيلينڊ سان مهاڏو اٽڪائيندي.

You might also like