بي خوف ٿي اُس ۾ نڪرو، رنگ خراب نه ٿيندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڀني کي خبر آهي ته اس سان رنگ تي اثر پوندو آهي ۽ رنگ سانورو ٿي ويندو آهي، اهڙي صورت ۾ اسان اوهان کي ڪجهه گهريلو نسخا ڏيون ٿا، جيڪي آزمايو، اوهان جو سانورو رنگ جلد ڀورو ٿي ويندو ۽ اوهان جي اها شڪايت ختم ٿي ويندي.

ٽماٽي جي جوس جا چار چمچا ۽ کير جي ملائي ٻه چمچا کڻي، انهن ٻنهين جو مڪسچر ٺاهيو. هاڻ ان مڪسچر کي چهري ۽ ڪنڌ تي 20 منٽن لاءِ هڻي ڇڏيو، ان کانپوءِ ڌوئي ڇڏيو. هڪ هفتي تائين اهو عمل ڪيو  اس سبب ٿيندڙ سانورو رنگ واپس نکري ايندو.

کير ۾ ليمي جو رس وجھي رات جو هڻو ۽ صبح جو ڌوئي ڇڏيو، ڪنڌ جو رنگ چهري جھڙو ٿي ويندو.

هائڊروجن، امونيا ۽ صابڻ جو چورو مڪس ڪري ان جي گج بڻايو ۽ ڪنڌ تي هڻو، 15 منٽ لڳائي رکو، پوءِ ڌوئي ڇڏيو، ڪنڌ جو رنگ بحال ٿي ويندو.

You might also like