ويمن ڪرڪيٽ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ شامل

دبئي(ويب ڊيسڪ) ويمن ڪرڪيٽ کي ڪامن ويلٿ گيمز 2022ع ۾ شامل ڪيو ويو.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل ڪامن ويلٿ گيمز 2022ع ۾ ويمن ڪرڪيٽ کي شامل ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

آءِ سي سي موجب ڪامن ويلٿ گيمز 2022ع ۾ ويمن ٽي ٽوئنٽ جا مقابلا ٿيندا ۽ ايونٽ ۾ 8 ٽيمون حصو وٺنديون جنهن ۾ ڀارت، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريقا، انگلينڊ، آسٽريليا، پاڪستان، سري لنڪا ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون شامل آهن.

ڪامن ويلٿ گيمز 2022ع جا مقابلا برطانوي شهر برمنگهم ۾ ٿيندا.