اسلام ڪوٽ ۾ کوهه مان عورت جو لاش هٿ

اسلام ڪوٽ (ويب ڊيسڪ) اسلام ڪوٽ ويجهو گذريل رات دير سان 30 ورهين جي نوجوان ناري جو مڙهه کوهه مان هٿ ٿيو آهي .

اطلاع تي  پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪرايو ۽ قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو .

فوت ٿيل  ناري جي سهري نانجو ڀيل ۽ ٻين  جو چوڻ هو  ته ناري کوھ  مان پاڻي ڀرڻ دوران پير ترڪڻ سبب ڪري فوت ٿي آهي.

فوتي ناري جي ڀاءُ آچار ،  چاچي چاندرو ۽  ٻين جو چيو ته  نياڻي ساهرن مٿان تشدد ڪرڻ جا الزام لڳائيندي هئي .

 هنن مطالبو ڪيو ته ناري جي موت جي  جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي .

You might also like