سليڪٽڊ لفظ تي پابندي خلاف پارليمينٽرينز سان مشورو ڪندس: آصف زرداري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته سليڪٽڊ لفظ تي پابندي خلاف پارليامينٽرينز سان مشورو ڪندس. جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ پيشيءَ جي موقعي تي اهتساب عدالت اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته سليڪٽڊ لفظ تي پابندي خلاف پارليامينٽرينز سان مشورو ڪندس ۽ پتو ڪيون ٿا ته حڪومت پابندي لڳائي به سگهي ٿي يا نه.  قومي اسيمبليءَ ۾ سليڪٽڊ لفظ جي استعمال تي پابندي بابت سوال جي جواب ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته توهان ڏسو، ان تي قانوني ماهرن سان ڳالهايون ٿا، پارليامينٽرينز سان به مشورو ڪندس، پتو لڳايون ٿا ته هي پابندي هڻي به سگهن ٿا يا نه ٿا هڻي سگهن. حڪومتي ميمبرن طرفان اڳوڻي حڪومت تي لعنت وجهڻ ۽ چور ۽ ڌاڙيل قرار ڏيڻ بابت سوال جي جواب ۾ آصف علي زرداري چيو ته توهان ڏسي ڇڏيو ته هي ماڻهو ڇا ٿا ڪن. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان ملاقات بابت سوال تي آصف زرداري مسڪرائي ڳالهه ٽاري ڇڏي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.