بکئي ماڻهو کي ماني وڌيڪ ڇو وڻندي آهي…؟ ماهرن ٻڌائي ڇڏيو

ڇا اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ته کاڌو ان وقت گهڻو مزو ڇو ڏيندو آهي جڏهن بک وڌيڪ لڳندي آهي ۽ ان وقت ذائقو ڇو غائب محسوس ٿيندو آهي جڏهن پيٽ ڀريل هوندو آهي؟

ته ان جو جواب سائنس ڳولي ورتو آهي.

حقيقت ۾ جڏهن بک لڳل هجي ته غذائن جو ذائقو ته سٺو لڳندو ئي آهي پر ان سان گڏوگڏ اڻ وڻندڙ شيون کائڻ به سولو لڳندو آهي.

۽ ان پٺيان هڪ عصبي سرڪٽ لڪيل هوندو آهي.

اها ڳالهه جاپان جي نيشنل انسٽيٽيوٽ فار سائيڪلوجيڪل سائنسز جي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

عام طور تي جڏهن گھڻي بک نه هجي ته ماڻهو تلخ ۽ کٽن ذائقن جي ڀيٽ ۾ مٺي کي ترجيح ڏيندا آهن پر اها ترجيح اندروني ڪيفيت جهڙوڪ بک جي صورت ۾ مٽجي ويندي آهي.

محققن ڪوئن تي دريافت ڪيو ته بک جي صورت ۾ اهي جانور مٺاڻ کي گھڻي ترجيح ڏيندا آهن جڏهن ته ٻين بد ذائقيدار شين لاءِ به حساسيت ۾ گھٽتائي اچي ويندي آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: چپلي ڪباب تيار ڪرڻ جو طريقو

هنن اهڙن نيورونز تي ڌيان ڏنو جيڪي بک جي ڪيفيت ۾ سرگرم ٿي پيڻ ڀرڻ جي رويي کي جنم ڏيندا آهن جڏهن ته 2 اهڙين عصبي ڪيفيتن جي سڃاڻپ ڪئي وئي جيڪي بک جي صورت ۾ ذائقي جي ترجيحن ۾ تبديليون آڻينديون آهن.

AgRP-expressing نالي اهي نيورونز ٿيلمس ۾ دريافت ڪيا ويا جيڪو دماغ جو اهڙو حصو آهي جيڪو بک کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندو آهي.

محققن چيو ته هنن ڪوئن ۾ انهن نيورونز کي سرگرم ڪري اهو ڏٺو ته بک جي صورت ۾ ان جي ذائقي تي ڪهڙا تصور غالب اچن ٿا.

هي به پڙهي سگھو ٿا: خوراڪ جو عالمي ڏينهن: کاڌي کي زيان ٿيڻ کان بچايو

محققن جو چوڻ هو ته انهن نيورونز کي سرگرم ڪرڻ ۾ ذائقي جي حوالي سان ترجيح ۾ 2 مختلف انداز سان تبديلي ايندي آهي، يعني مٺي جي خواهش وڌي ويندي آهي جڏهن ته اڻ وڻندڙ ذائقي لاءِ ناپسنديدگي به گھٽ ٿي ويندي آهي.

سندن چوڻ هو ته هاڻ شگر ۽ ٿولهه جي حوالي سان ان عصبي طريقيڪار جي ڪردار تي تحقيق طرف وڃڻ گھرجي، مثال طور تي اسان کي خبر آهي ته ٿولهه جو شڪار ماڻهو مٺاڻ گھڻو پسند ڪندا آهن ۽ اهي امڪاني طور تي ان عصبي نظام جي سگرمي ۾ تبديلي جو نتيجو ٿي سگھي ٿو.

ان تحقيق جي نتيجا طبي رسالي نيچر ڪميونيڪيشنز ۾ ڇپيل آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.