بيماري جي ستايل هن خاندان جو آخر ٿيندو ڇا.؟

ان وقت جڏهن آئون حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ويٺو هيس ۽ مون ٻڌيون دانهون مدد ڪريو، مدد ڪريو، نه ته ٻچن سميت پاڻ ساڙيندس، اهي دانهون هيون، هڪ اکين جي نور کان محروم ان مجبور ۽ لاچار پيءُ جون جنهن جا 3 معصور ٻار ذهني مريض ۾ مبتلا آهن ۽ سندس گهرواري ايتري ته بيمار آهي جو اها هاڻ کٽ تان به اٿي نٿي سگهي.

سندس درد ٻڌڻ لاءِ ان وٽ پهتس ته بک، بدحالي ۽ بيماري جي ستايل حيدرآباد جي علائقي وحدت ڪالوني جي رهواسي اکين جي نور کان محروم مبشر حسين، پنهنجن ٽن ذهني مريض ٻارڙن سان گڏ علاج ڪرائڻ ۽ سندس روزي روٽي جو بندوبست ڪرڻ لاءِ پئي وس وارن کي اپيل ڪيون، مبشر جي درد ڀرئي آواز اتي بيٺل ماڻهن جو پئي جيءُ جهوريو.

 

مبشر کان جڏهن حال احوال ورتاسين ته هن ٻڌايو ته کيس 4 ٻارن جو اولاد آهي، جنهن مان ٽي ٻارڙا زهرا بتول، ساجد علي ۽ مظهر عباس ذهني مرض ۾ مبتلا آهن، سندس اکين جو نور ختم ٿي ويو آهي، جنهن ڪري چار ئي ڄڻا معذوري واري زندگي گذاري رهيا آهن، صدمي ۾ سندس گهرواري بيمار ٿي بستر تي پيل آهي، جيڪا هلڻ ڦرڻ کان به لاچار آهي، گهر ۾ ڪو به ڪمائڻ ۽ سندن علاج ڪرائڻ وارو ناهي، جنهن ڪري هو بک ۽ بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ۽ گهر ۾ فاقاڪشي وارو ماحول پکڙيل آهي، لاچاري واري زندگي گذارڻ ڪري سندن زندگي هاڻ زهر بڻجي وئي آهي، کيس هاڻ ٻارڙن سميت خودڪشي ڪرڻ کان سواءِ ڪو به رستو ناهي رهيو، هن احتجاج ذريعي هو مدد جي اپيل ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن سندس مدد نه ٿي ته هو ٻارن سميت پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندو.

هونئن به بک، بدحالي ۽ بيروزگاري سبب سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪيترائي اهڙا واقعا ٿيندا رهيا آهن، جو جيجل مائرون پنهنجن ٻچڙن جو پيٽ نه پالڻ ڪري خودڪشيون ڪنديون رهيون آهن ۽ ڪيترائي پيئر مايوس ٿي پاڻ کي وڻن جي رسن سان ٻڌي زندگي جو ڏيئو اجائيندا رهيا آهن.

اسان جي اڳيان هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر هن لاچار ۽ مجبور خاندان جو ڇا ٿيندو، ڪو اهڙو ادارو يا فرد سامهون ايندو به يا نه جيڪو هن لاچار، مجبور ۽ بي وس خاندان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار هوندو.