ڪهڙن سورن تي لکجي، سڄو ڪاڇو ئي سور آ

امتياز چانڊيو

نٽهڻ اس ۽ لڱ ساڙيندڙ گرم هوا ۾ منجهند جو 12 وڳي بائيڪ تي چڙهي هوسڙي کان جڏهن قاسم آباد ۾ آفيس پهتس ۽ سوچيم پئي ته اڄ بلاگ ڪهڙي موضوع تي لکجي، فيس بڪ کوليم ته ارمان ۽ ڏک ڀريو هڪ جملو منهنجي نظر مان گذريو، منهنجي فريد آباد جي صحافي دوست ميهر علي ڏيرو جي وال تي رکيل هو “ڪاڇي جي ڪهڙن سورن تي لکجي، سڄو ڪاڇو ئي سور آ” ميهر علي جي ان سٽ مون کي واقعي ئي ڪاڇي جا سور ياد ڏياري ڇڏيا.

قمبر کان وٺي ڪوهستان تائين کيرٿر واري جابلو سلسلن سان لڳو لڳ پاڻي جي ڦڙي لاءِ پياسي ڪاڇي جي زمين جي مسڪين ۽ بيوس رهواسين جا سور مون پنهنجن اکين سان ڏٺا آهن، مون ٿر به گهميو آهي ۽ ڪاڇو به گهميو آهي، مون کي ٻنهي جا سور هڪجهڙا لڳا، پاڻي لاءِ پياسي زمين ۽ خوراڪ لاءِ بکايل مسڪين ماروئڙا، سندن جانور ۽ پکي. بيروزگار ۽ بنيادي سهولتن کان محروم ڏٻرا ۽ ڪمزور انسان، سچ پچ ته سندن حالت ڏسي اکيون ڳوڙهن سان ڀرجيو وڃن.

هڪ ڀيرو ميهڙ جي سينيئر صحافي پاويل جوڻيجو سان گڏجي مون ڪاڇو گهميو هو ۽ اتان جي ماڻهن کان حال احوال ورتا هئا، ان دوران منهنجو شاهه گودڙيو ۽ ان جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن الهڏنو تيوڻو، مٿئين اکڪڍائي، ڀنڀا ڏيرا، ولي محمد رند، علي بخش تيوڻو، نور محمد ڏيرو، سڄڻ ميواڻي، موجهڙ ۾ به وڃڻ ٿيو، اتي جي ماڻهن جا حال احوال ٻڌي ائين لڳو ڄڻ ڪاڇو ننڌڻڪو هجي، چند گهراڻا سڄي ڪاڇي تي قابض ٿيل آهن، چوندا آهن ته ڏکيءَ کي ڏک به گهڻا، سو سج به سدائين ڪاڇي واسين سان ڪاوڙيل، جون ۽ جولاءِ ۾ ته گرمي پد 50 کان 52 تائين پهچي ويندو آهي، پر سنڌي ۾ پهاڪو آهي ته “جيئڻ لاءِ جيڏيون مون وڏا وس ڪيا” واقعي ئي ڪاڇي واسي به جيئڻ لاءِ وڏا وس ڪري رهيا آهن، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، اسڪول ۽ اسپتالون نه هجڻ، روڊ ٽٽل هجڻ باوجود به هو پنهنجا اباڻا ڪک نٿا ڇڏين، سڄو ڏينهن عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڏورانهن علائقن مان پيئڻ ۽ گهر جي استعمال لاءِ پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ شديد گرمي ۾ ٿڙندا ٿاٻڙندا نظر اچن ٿا.

ڪاڇي جا جابلو علائقي قدرتي وسيلن سان مالامال آهن، اتي ڪيترن ئي پرڏيهي ڪمپنين اچي تيل ۽ گئس ڪڍيو آهي، پر بدقسمتي سان ان ڪمپنين مان ملندڙ رائلٽي تي به اتي جي سردارن ۽ وڏيرن جو ڌاڙو لڳل آهي، ڪمپنين کان رائلٽي جي مد ۾ ملندڙ اربين روپيا مسڪين ماڻهن کي بنيادي سهولتون پهچائڻ تي خرچ ڪرڻ بجاءِ چند گهراڻن جي اڪائونٽن ۾ هليا وڃن ٿا، وسيلن تي ته بااثرن ڌاڙا هنيا آهن، پر اين وي ڊرين ذريعي حمل ڍنڍ جي پاڻي، ڪاروجبل واري نئين بالا، نئين مزاراڻي ۽ نئين موري سالاري جي پاڻي تي به اتان جي سردارن جو قبضو آهي ۽ هاڻي ته انهن تي ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهي پنهنجون جاگيرون آباد ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. هتان جي چونڊيل نمائندن به ڪاڇي جي بجيٽ تي سدائين ڌاڙا هنيا آهن، ڪاغذن ۾ ته ڪاڇي کي وڏي ترقي وٺرائي وئي آهي، پر افسوس ته اڄ به فريد آباد کان شاهه گودڙيو ڏانهن ويندڙ روڊ تي درجنين ٻارڙا خيرات لاءِ هٿ جهليو بيٺل رهن ٿا. ووٽ وٺڻ کان پوءِ چونڊيل نمائندا مسڪين ماڻهن وٽ لڙي به نٿا وڃن.

هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪاڇي واسين کي به انسان سمجهي، کين بنيادي سهولتون فراهم ڪري سندن حالت سڌارڻ گهرجي، چونڊيل نمائندن کي گهرجي ته اهي صرف ڪاغذن ۾ ڪاڇي کي ترقي نه وٺرائين پر هتان جي مسڪين ماڻهن جي ڳوٺن ۾ وڃي سندن مدد ڪرڻ گهرجي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي پهچائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن ته جيئن ڪاڇي واسي سک جو ساهه کڻي سگهن، اين وي ڊرين ذريعي حمل ڍنڍ، ڪاروجبل واري نئين بالا، نئين مزاراڻي ۽ نئين موري سالاري جي پاڻي تي لڳل ڌاڙو ختم ڪرايو وڃي، ڪاڇي ۾ اسڪول ۽ اسپتالون کولي ماڻهن کي سهولتون پهچايون وڃن.

You might also like