ڏند به خوبصورتيءَ جو اهم حصو….

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڪثر عورتون پنهنجي چهري کي صاف سٿرو رکڻ ۽ وارن کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ ڪيترائي جتن ڪنديون رهنديون آهن پر اهي ڏندن جي صفائي ۽ خوبصورتي کي نظرانداز ڪنديون آهن، جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته جڏهن به اهي پنهنجا چَپ کولينديون آهن ته خراب ڏند سندن سڄي خوبصورتي خراب ڪري ڇڏيندا آهن، ڇو ته کِل ئي چهري تي خوبصورتي جو تاثر پيدا ڪندي انسان جي مجموعي شخصيت کي چار چنڊ لڳائيندي آهي. تنهن ڪري ضروري آهي ته پاڻ کي خوبصورت رکڻ لاءِ ڏندن جي حفاظت به ڪرڻ گهرجي، ڇو ته صاف سٿرا ڏند ئي خوبصورتي جي ضمانت آهن.27

You might also like