عمران خان دوري تي ايندو… وائيٽ هائوس جي تصديق

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) وائيٽ هائوس وزيراعظم عمران خان طرفان آمريڪا جي دوري تي تصديق ڪري ڇڏي.

وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 22 جولاءِ تي وزيراعظم عمران جي آجيان ڪندو.

بيان موجب عمران خان جي دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي، جڏهن ته دوري سان امن، اقتصادي ترقي، خطي جي استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ به مدد ملندي.

پريس سيڪريٽري جو چوڻ هو ته ڊونلڊ ترمپ ۽ عمران خان دهشتگردي جي خاتمي، بچاءَ، توانائي ۽ واپار سميت ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.

واضح رهي ته وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ اهو عمران خان جو پهريون آمريڪي دورو آهي.

ان کان اڳ آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ هو ته عمران خان جي دوري بابت وائيٽ هائوس طرفان تصديق ناهي ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ پرڏيهي ترجمان ڊاڪٽر فيصل پڻ چيو هو ته عمران خان جي دوري جي حوالي سان اڳڪٿين کان پاسو ڪيو وڃي.

You might also like