قانون جي بالادستي نه هوندي ته دشمن طاقتور هوندا: جسٽس اطهر من الله

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته جنهن ملڪ ۾ قانون جي بالادستي نه هوندي اتي دشمن طاقتور هوندا.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ آزادي ڏهاڙي جي مناسبت سان جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس اطهر من الله چيو ته پاڪستان کي غلامي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ وارو قائد به هڪ عظيم قانون دان هو، جنهن ملڪ ۾ قانون جي بالادستي نه هوندي اتي دشمن طاقتور هوندو.

هن چيو ته ملڪ جي بقا لاءِ فوج، پوليس ۽ عوام هزارين جانين جي قرباني ڏني، هاڻ اسان کي پنهنجي پنهنجي گهر کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي، اڄ اسان کي ماتحت عدليا تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، اسان کي عدليا ۾ سڌارا ۽ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي.

You might also like