جوھي جي زرعي پاڻي تان ڌاڙو ڪڏهن ھٽندو.!!

عنايت رستماڻي 

سنڌ جي خوشحال شھرن ۾ تصور ڪيو ويندڙ جوھي شھر ھاڻ قدرتي وسيلن جي ھوندي به زوال پذير شھر تصور ڪيو وڃي ٿو، جوھي شھر ۽ ان جي آس پاس اٽڪل ھڪ لک 72 ايڪڙ زمين خريف توڙي ربيع ۾ آباد ھوندي ھئي، جوھي جي زرعي پاڻي تي ڪپھ ڪڻڪ ۽ ساريون وڏي تعداد ۾ پوکيون وينديون ھيون، چوطرف سگداسي چانورن جون پوکون پوکيون وينديون ھيون، سگداسي چانورن جي ھٻڪار ۾ مھڪندڙ جوھي جي مٽي ھاڻ خشڪسالي جي ورچڙھي ڪلراٺي ٿي وئي آهي، ماضيءَ ۾ جنهن به جوھي جو عروج ڏٺو ھاڻ کين زوال ڏسندي ڏندين آڱريون اچيو وڃن، جوھي جي عروج کي ختم ٿئي ڪو گھڻو عرصو نه ٿيو آهي، اسان جي يادگيري ۾ 1990ع واري ڏھاڪي کان پوءِ جوھي جي زوال جا ڏينهن ڳڻبا آهن، جوھي مڪمل طور 2000ع کان پوءِ زرعي پاڻي جي کوٽ سبب پنهنجي اوج کي الودع  ڪري تباھي ڪناري پھتو.

جوھي شھر جي زوال جو سبب ارغونن يا ترخانن جا حملا نه ھئا نه وري جوھي شھر  کي ڌارين قوتن برباد ڪيو نه ئي جوھي کي 2010 جي ٻوڏ تباهه ڪري سگهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جوھي شھر کي پنهنجن جا ڪھري ھٿ لڳا، جن پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ ڪري جوھي شھر کي ھٿ سان تباهه ڪيو، جوھي جي حصي ۾ ايندڙ زرعي پاڻي تي ڏاڍ مڙسي جي بنياد تي ڌاڙو ھڻي اجتماعي طور جوھي شھر کي تباھ ڪيو ويو، هڪ سوچيل سمجھيل سازش تحت جوھي جي پاڻي تي ڪرفيو لاڳو ڪري جوھي شھر جي عروج کي زوال ۾ تبديل ڪيو ويو، جوھي جي پڇڙي تائين پاڻي کي پھچڻ نه ڏنو ويو، جوھي جي حصي جي پاڻي کي  ليفٽ مشينن ذريعي چوري ڪري ڀوتارن پنھنجون زمينون آباد ڪيون، جوھي جي شاخن جي ري ماڊلنگ جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو، شاخن جي کاٽي جا ڪروڙين روپيا غبن ڪيا ويا، آبپاشي کاتي جي آفيس کي مسلسل تالو لڳل رھي ٿو. ايس ڊي او ايريگيشن جوھي مقرر نه ٿي سگھيو ايريگيشن جي پلاٽن تي قبضا ڪيا ويا آهن، نتيجي طور سنڌ جو ھي خوشحال شھر ھاڻ انگريزن جي دور جي بچيل پراڻن عمارتن جيان کنڊرات جو ڏيک پيو ڏئي ۽ جوھي جا آسودا آبادگار ڪنگال بڻجي ويا آهن ۽ مجبورن جوھي جا آبادگار مسلسل وڏي عرصي کان پاڻي ڏيو ظالمو پاڻي ڏيو جي اڀ ڏاريندڙ نعرن سان ھر روز اخبارن جي سرخين جا زينت بڻجندا رھيا آهن، ھاڻ ته اخبارون به ھن اشو تي لکي لکي ٿڪجي پيون آهن، پر آبادگار اڳواڻ شينهن رند، امام علي رستماڻي، غلام قادر لنڊ، حبيب الله رودناڻي، جهنڊو لغاري، مير محمد ۽ ميهر گاڏهي ناھن ٿڪيا، انهن جا حوصلا اڃا بلند آهن، توڙي جو پاڻي چوري خلاف مسلسل احتجاج ڪرڻ ۽ جوھي شھر جو عروج واپس ڏيارڻ واري مطالبي جي ڏوهه ۾ آبادگار اڳواڻن کي ھيسايو ۽ ڌمڪايو ويو آهي، ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو، آبادگارن جي گھرن تي پوليس جي بڇ ڪرائي وئي، پر پوءِ به جوھي جا آبادگار پوئتي نه ھٽيا، اڄ به سندن مطالبو آهي ته جوھي شھر جي حصي ۾ ايندڙ پاڻي پڇڙي تائين ڏيو.

جوهي جي ھن وقت صورتحال اھا آهي جو خريف جو فصل مٿي تي آھي، پر پاڻي نه ھجڻ ڪري پٽوڙو، چنجاڻي، خان مائنر، دڙو، لاکا ۽ ڇني شاخن مان واري پئي اڏامي آبادگار پريشان آهن پر سندن ڪو به داد رسي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جوھي پاڻي معاملي تي گورنر سنڌ عمران اسماعيل پاران نوٽيس وٺڻ جي باوجود به ڪو کڙتيل نه نڪتو، جوھي پاڻي چوري معاملي تي پاڪستان پيپلزپارٽي  جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران نوٽيس وٺي آبپاشي جي وزير ناصر شاهه کي شاخن جي دوري تي موڪلڻ جي باوجود جوھي واسين کي پنهنجي حصي جو پاڻي پڇڙي تائين ناهي مليو، ان جا ڪارڻ سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪارندا ئي آهن، سرڪاري مشينري خود شامل آهي، جيڪا نٿي چاھي يا ان کي اجازت ناھي ته جوھي جي آبادگارن جي حصي ۾ ايندڙ پاڻي کين ڏنو وڃي، ڇو ته پاڻي تي ڌاڙو ڪنهن جو آهي، پاڻي تي ڪرفيو لاڳو ڪنهن ڪيو، ليفٽ مشينن تائين نوگو ايريا ڪنهن جو بڻايل آھي، پوليس ۽ آبپاشي عملدار اوستائين ڇو نٿا پھچي سگھن. آبادگارن مٿان حملا ڪنهن ڪرايا، آبادگارن جي پرامن احتجاجن مٿان گاڏيون ڪنهن چاڙھيون، آبادگارن جي تحريڪ کان ڪير پاسيرا رھيا، عام ماڻهو کان ويندي سنڌ حڪومت بخوبي ڄاڻي ٿي پر جوھي جي مظلوم آبادگارن کي پاڻي ناھي ڏيڻو واري ھوڏ تي چڙھيل ڀوتار کي ڪير سمجھائي ته آخر انگريزن جي دور کان پڇڙي تائين ويندڙ پاڻي کي ھاڻي ڇا ٿي ويو آهي، جو شاخن ۾ زرعي آبادي ته پنهنجي جاءِ تي پر پيئڻ جيترو پاڻي به ناھي، انسان توڙي جانور اڃ وگھي تڙپي رھيا آهن، جوھي واسي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جوھي جا چنا جيڪي وڏيرا سڏيا ويندا ھئا، پاڻي تي ڌاڙي کان پوءِ اھي ويچارا زمينون وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جوھي جي اڌ آبادي لڏپلاڻ ڪري وئي آهي، جوھي معاشي طور ڪنگال بڻيل آهي.

مون هاڻ جوهي مڪمل ٿيندو نظر پيو اچي، ڇو ته ماڻهو پنھنجا گھر کپائڻ لاءِ ھوڪا ڏيندا ٿا وتن، پر ڪير خريد ڪرڻ وارو ناهي ڇو ته جوھي ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي به ميسر ناھي، هاڻ ته جوھي شھر جا ماڻهو مڪمل طور لڏپلاڻ ڪري ويندا ۽ تاريخي شھر جوھي جو نالو وڃي تاريخ ۾ رھندو، جوھي تعلقي جي پاڻي جي سنگين بحران جي باوجود جوھي تعلقي ۾ ڪم ڪندڙ تيل ۽ گئس ڪمپنيون به جوھي شھر کي ترقي ڏيارڻ ۽ پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪرائڻ بجاءِ ڪميونٽي فنڊز جا پئسا ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي گڏيل طور چونڊيل ڪميٽي حوالي ڪري پاڻ آجيون آهن، اھا ڪميٽي ڪمپنين مان ملندڙ فنڊ ڪٿي خرچ ڪري ٿي ڪا خبر ناھي، ڪٿي به ڪمپني جي مالي سھڪار سان مليل پاڻي جون اسڪيمون نظر نه ٿيون اچن.

بدقسمتي سان ھڪ پاسي جوھي واسي پاڻي لاءِ پريشان آهن ته ٻئي پاسي بنيادي سھولتن جو به فقدان آهي، ماڻهو پاڻي لاءِ احتجاج ڪن يا بنيادي سھولتن لاءِ جوھي واسي ھن وقت ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آهن، جوھي کي معاشي طور مستحڪم ڪرڻ لاءِ زرعي پاڻي جو ھجڻ لازمي آهي، جوھي شھر کي بچائڻ لاءِ ۽ پڇڙي جي شاخن تائين پاڻي پھچائڻ لاءِ وفاقي حڪومت جي نمائندي گورنر سنڌ عمران اسماعيل  توڙي صوبائي حڪومت جي نمائندي آبپاشي کاتي جي اڳوڻي  وزير ناصر شاهه جون ڪاوشون به دم ٽوڙي ويون، ھاڻي ملڪ جي اعليٰ عدليا سپريم ڪورٽ ۽ ملڪ جي دفاعي فوج جو سربراهه ئي جوھي شھر کي پوڇڙي تائين پاڻي پھچائي سگهن ٿا، ملڪ جي ٻنھي وڏن ادارن جي سربراھن کي ڦوري طپور جوھي جي پاڻي چوري واري معاملي جو نوٽيس وٺڻ گھرجي ۽ لکين جيوت کي جئندان ڏيڻ لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺڻ گھرجن ته جيئن سنڌ جي انقلابي مزاحمتي ۽ عوامي شاعر احمد خان مدھوش جي شهر جوھي جا رهواسي زندهه رھي سگھن.