ون ويلنگ، موت جي راند

مقبول ملاح

دنيا تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، بلڪه ائين چئجي دنيا هڪ ڳوٺ مثل ٿي وئي آهي، پاڪستان ۾  جڏهن کان انٽرنيٽ جي رسائي سولي ٿي وئي آهي، ماڻهن تائين ڄاڻ جي رسائي ۾ به واڌارو ٿي ويو آهي، ڪالهه جيئن ئي مون واٽس ايپ کولي ته هڪ گروپ تي وڊيو پيل هيو، وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو هو ته نوجوان تيز رفتار موٽر سائيڪلن جي ريس ڪري رهيا آهن، جنهن دوران ون ويلنگ پڻ ڪئي پئي وئي، ته اچانڪ ريس ڪندڙ ٻه موٽر سائيڪلون تيز رفتاري سبب پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، جنهن سبب 5 نوجوان سخت زخمي ٿي پيا، جنهن جي حالت ڏسي مون اها وڊيو بند ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ ته مون پاڻ ۾ ايتري همٿ نه پئي سمجهي ته ان وڊيو کي وڌيڪ ڏسي سگهان.

عالمي اداري ڊبليو ايڇ او جي هڪ رپورٽ موجب دنيا ۾ هر سال 12 لک ماڻهو حادثن جو شڪار ٿي پنهنجي زندگي وڃائي  ويهن ٿا، جڏهن ته لکين ماڻهو زخمي پڻ ٿين ٿا، جن مان ڪيترائي تاحيات معذور بڻجيو وڃن.

جڏهن ته پاڪستان ۾ هر سال 15 کان 16 هزار ماڻهو حادثن جو شڪار ٿين ٿا، سال 2018 جي رپورٽ موجب 36 هزار ماڻهو روڊ حادثن جو شڪار ٿيا آهن، ڪراچي دنيا جو چوٿون نمبر شهر آهي، جتي سڀ کان وڌيڪ ماڻهو حادثن جو شڪار ٿي پنهنجي زندگي وڃائي ويهن ٿا.

اڪثر ڏٺو ويو آهي ته پاڪستان ۾ حادثن جو هڪ وڏو سبب موٽر سائيڪلن جو غلط انداز ۾ هلائڻ به آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ مٺي کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ سان ٿيندڙ حادثو به موٽر سائيڪل کي بچائيندي ٿيو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿيون هيون.

ون ويلنگ يا تيز رفتار موٽر سائيڪل جي ريس جو معاملو ڪنهن هڪ شهر نه پر پاڪستان جي هر ننڍي وڏي شهر جو آهي، حيدرآباد ۾ به اهو عام آهي، اڪثر جمعي ڏينهن صبح جو 4 بجي کان 7 بجي تائين اڪثر نوجوانن کي ريس ڪندي يا ون ويلنگ ڪندي ڏٺو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ ڪيترائي دفعا حادثا پڻ ٿيا آهن، صبح جو حيدرآباد جا روڊ، خاص ڪري لطيف آباد 7 نمبر، ٽنڊو محمد خان روڊ، ميرپورخاص,روڊ  باءِ پاس ۽ قاسم آباد جا مين روڊ خالي هوندا آهن، ۽ پوليس به ان وقت روڊن تي موجود نه هوندي آهي. ون ويلنگ ۾ 12 کان 30 سالن جي ڄمار جا نوجوان حصو وٺندا آهن ۽ شرطون پڻ لڳايون وينديون آهن. حيدرآباد ۾ پوليس ڪيترائي دفعا ون ويلنگ يا موٽر سائيڪلن جي ريس ڪندڙ نوجوانن خلاف ڪارروائي ڪندي کين گرفتار به ڪيو آهي، پر پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوانن پاران موٽر سائيڪل تي ون ويلنگ کي روڪڻ لاءِ ڪابه قانونسازي ناهي ٿيل، جنهن ڪري گرفتاريون ته ڪيون وڃن ٿيون، پر شخصي ضمانت تي انهن نوجوانن کي آزاد ڪيو ويندو آهي.

ون ويلنگ يا ريس ۾ حصو وٺندڙ موٽر سائيڪلون عام موٽر سائيڪلن کان مختلف هونديون آهن، جن جي رفتار ان حد تائين آهي جو اهي مسافرن گاڏين ۽ تيز هلندڙ ڪارن کي به پوئتي ڇڏيو وڃن، اهي موٽر سائيڪلون خاص طور تي ٺهرايون وينديون آهن، حيدرآباد ۾ گاڏي کاتي ۾ اهڙيون موٽر سائيڪلون ٺاهيندڙ مستري موجود آهن.

ڏٺو وڃي ته ريس يا ون ويلنگ لاءِ استعمال ٿيندڙ موٽر سائيڪل عام موٽر سائيڪلن کان مختلف هوندي آهي،  آساني سان سمجهي سگهجي ٿو ته هي موٽر سائيڪل ڇو تيار ڪرائي وئي آهي، ته پوءِ اهڙن حادثن کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته سڀ کان پهريون مٽ مائٽ ان کي روڪين ۽ موٽر سائيڪل کي اصل شڪل ۾ آڻين ته جيئن اهو خدشو ئي نه رهي ته ڪا موٽر سائيڪل ريس ۾ حصو وٺي سگهجي، يا وري جيڪڏهن اهڙي موٽر سائيڪل روڊ تي اچي ته پوليس ان موٽر سائيڪل کي روڪي ۽ والدين کان يقين وٺي ته سندس پٽ ريس ۾ حصو نه وٺندو ۽ موٽر سائيڪل اصل صورت ۾ واپس ڪري گاڏي مان ريس وارو آپشن ئي ختم ڪيو وڃي،  ڇاڪاڻ ته ريس يا ون ويلنگ ۾ حصو وٺندڙ موٽر سائيڪل ۾ هميشه 125 موٽرسائيڪل يا سي ڊي هونڊا جو ڪارپيٽر لڳل هوندو يا ٽائرن ۾ مڊگاڊ وٿيرڪا يا نه هجن ته پڪ اهو بائيڪ رائڊر ۽ ون ويلر آهي، جنهن کي اهڙي جاچ بعد آساني سان پڪڙي سگهجي ٿو.

اچو ته گڏجي ٽريفڪ قانونن تي مڪمل عمل ڪري ملڪ ۾ ٿيندڙ حادثن سبب ضايع ٿيندڙ جانين کي بچايون، منهنجي نظر ۾ ون ويلنگ يا تيز رفتار گاڏين جي روڊ حادثن جومک سبب قانون تي عمل نه ڪرڻ آهي.