اَٽو خوبصورتي لاءِ به ڪارآمد…..!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اَٽو هونئن ته کاڌي جي شين ۾ ڪم ايندو آهي پر ڇا توهان کي خبر آهي ته اهو خوبصورتيءَ لاءِ به ڪارآمد آهي. اَٽي ۽ هيڊ جو ماسڪ چهري کي نرم ۽ تازو توانو ڪري ڇڏي ٿو.

 جيڪڏهن توهان به اهو ماسڪ استعمال ڪرڻ چاهيو ته اسان جي ٻڌايل نُسخي تي عمل ڪيو.

طريقو: اَٽي ۽ هيڊ کي هڪ جيتري مقدار ۾ گڏائي ان ۾ تِرن جو تيل شامل ڪري پيسٽ ٺاهي ڇڏيو، پوءِ اهو تقريبن اڌ ڪلاڪ تائين چهري تي لڳائي منهن ڌوئي ڇڏيو. اهو عمل هفتي ۾ هڪ ڀيرو ورجايو، توهان جو چهرو صاف ۽ نرم ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.