واٽس ايپ واهپيدارن جي ٽارگيٽڊ جاسوسي جو انڪشاف

ڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) هيڪرن طرفان واٽس ايپ واهپيدارن جي ٽارگيٽڊ جاسوسي جو انڪشاف ٿيو آهي.

هڪ برطانوي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته اها ڪارروائي اسرائيلي سيڪيورٽي فرم اين ايس او گروپ طرفان ڪئي وئي آهي.

واٽس ايپ انتظاميا اعتراف ڪيو آهي ته هيڪرن هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ حملي ڪيا هئا پر هاڻ ان کي محفوظ بڻايو ويو آهي.

ڪمپني جو چوڻ آهي ته  واهپيدار واٽس ايپ کي اپ ڊيٽ ڪري حملي کان محفوظ رهي سگهن ٿا.

برطانوي اخبار موجب اسرائيلي سيڪيورٽي فرم واٽس ايپ تي وائس ڪال ڪندي آهي ۽ جيڪڏهن ڪال ريسيو نه به ڪئي وڃي تڏهن به جاسوسي وارو هڪ مخصوص سافٽ ويئر اوهان جي موبائيل فون ۾ انسٽال ٿي ويندو آهي ۽ وري اها ڪال اوهان جي لاگ ۾ به نظر ناهي ايندي.

واٽس ايپ ان ڏس ۾ سموري معلومات آمريڪي انصاف واري کاتي، مختلف سيڪيورٽي ڪمپنين ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي فراهم ڪري ڇڏي آهي.

You might also like