شاعر امام علي زنگيجو جو ڇا ٿيندو.!!

عنايت رستماڻي

جوھي تعلقي جي ڪاڇي جي تاريخي شھر ٽنڊورحيم خان سان واسطو رکندڙ نئين ٽھي جو ڀلوڙ شاعر ۽ فنڪار بيماري سبب مفلسي واري زندگي گھاريندڙ نوجوان امام علي زنگيجو ھيپاٽائٽس سي (ڪاري ڪامڻ) سبب ھاڻ ھلڻ ڦرڻ ۽ روزگار ڪرڻ کان لاچار بڻيل آهي، چئن پٽن ۽ پنجن نياڻين جو پي ھجڻ ناتي نوجوان شاعر امام علي زنگيجو  بيماري کان اڳ درزڪو ڪم ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندو رھيو آهي، جڏھن کان ھيپاٽائٽس سي جھڙي موذي مرض ۾ وڪوڙجي ويو آهي، تڏهن کان سندس گھر جي چلھ به ٿڌي ٿي وئي آهي، معصوم ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، خيراتي نالي تي ڪجھ مھينا سماجي ڀلائي جا ڪم ڪندڙ اياز واھي والا ۽ آصف چارڻ کي جس ھجي جو انھن وس آھر سندس مدد ڪئي، نوجوان شاعر امام علي زنگيجو ھن وقت بيماري جي بستري تي پيل آهي، بيماري تي گھر جو الھ تلھ وڪڻي ھاڻ بيوسي واري عالم ۾ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آھي، جڏهن ھن فيس بڪ تي مون کي انتھائي ڏک واري لھجي ۾ ميسيج ڪندي چيو ته سائين منھنجي طبيعت ھاڻ انتھائي خراب آھي، وات ۽ پيٽ مان رت اچڻ شروع ٿي ويو آهي، علاج لاءِ مالي سگھ ناھي، مھرباني ڪري  منھنجي علاج لاءِ توھان پرنٽ ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي ڪجھ لکو، ان لمحي سوچن جي ساگر ۾ ذھن کي گوتا کائيندي محسوس ڪيم، سوچڻ لڳس ته غربت جي چڪي ۾ پيڙھجندڙ ھن نوجوان شاعر ۽ فنڪار جي حياتي جو الئي ڇا ٿيندو، بي حس سماج ۾ انسان جا زخم به ڪتي واري فٽ مثل آهن، ھر ڪو پاڻ ڇٽائي، شاعر امام علي زنگيجو جي حالت به ھن وقت اھڙي آهي، مسلسل دانھو ڪرڻ جي باوجود سندس علاج لاءِ ڪنهن به مالي مدد ناهي ڪئي، ھن پنھنجي بيماري واري حالت ۾ ھڪ کٽ تي پيل پنھنجون تصويرون موڪليون ته ڀر ۾ ويٺل معصوم ٻارڙن جي بيوسي ڏسي سوچيم ته ھنن معصوم ٻارڙن جي مسقبل جو ڇا ٿيندو.؟

وري دل ۾ اميد جو ڏيئو ٻرندي ڏٺم سوچيم دنيا ۾  مسيحائي ڪردار اڃا موجود آهن ٿي سگھي ٿو ته ڪو مسيحائي ڪردار ھن نوجوان جي حياتي بچائڻ لاءِ سندس علاج لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي ۽ سنڌ سرڪار ضلعي انتظاميا توڙي علائقي ۾ تيل ۽ گئس ڪڍندڙ ڪمپني پي جي ڊي سي ايل ھن نوجوان جي علاج لاءِ واھر ڪري.

ڪاڇي جو ھي البيلو شاعر ھن وقت تائين وس آھر علاج خاطر دانھو ڪندو پيو اچي، پر سنڌ سرڪار توڙي ثقافت کاتي جي نظرن کان شايد اوجھل بڻيل آهي، تڏهن  سيڪريٽري  ڪلچر توڙي لاڳاپيل اختياريون شاعري جھڙي نفيس صنف کي سرجيندڙ نوجوان شاعر امام علي زنگيجو جي سار ناھي لڌي، ثقافت کاتي وٽ فنڊ به موجود آهن، پر اھي فنڊ حاصل ڪرڻ ھڪ ننڍي شاعر لاءِ وڏو مسئلو آهي، ڪھڙي در ڀٽڪي.

اسان جي اديبن جي سھائتا لاءِ جوڙيل سنڌي ادبي سنگت به پنهنجن اديبن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، انهن کي صرف پنھنجا  عھدا عزيز آهن، پنھنجون ياريون دوستيون مٺيون اٿن، باقي جڳ جا اديب پنهنجي جھان ۾ خوش ھجن، ڪنهن کي ڪھڙي لاچار واري ڪار آھي، ڪاڇي ڪنڌي جو ھي سھڻو سيبتو شاعر ۽ فنڪار ھن وقت زندگي جون باقي سھولتون ته نٿو چاھي پر صرف حياتي بچائڻ لاءِ واجھائي رھيو آهي. نوجوان شاعر بيماري جي بستري تي زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ انتھائي مفلسي واري زندگي گھارڻ تي مجبور آهي، ثقافت کاتو جيڪڏهن ھڪ شاعر جي زندگي بچائڻ لاءِ فنڊ جاري نٿو ڪري سگھي ته پو اداري ٺاھڻ جو ڪھڙو فائدو، شاعرن ۽ اديبن جي سھائتا لاءِ ملندڙ فنڊ شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن جي سھائتا تي خرچ نٿي سگھن ته انھن فنڊن جو ڪھڙو فائدو يا اھي فنڊ صرف نالي وارن وڏن اديبن لاءِ مختص ٿيل آھن ته پوءِ سنڌ جا باقي اديب، شاعر ۽ فنڪار ڪھڙي  کاتي ڏانهن واجھائين. اھو ثقافت کاتي لاءِ پنهنجي جاءِ تي سوال آهي، پر ڇا امام علي زنگيجو انسانيت جي ناتي سنڌ سرڪار کان ايترو حق به نٿو رکي جو سرڪاري خرچ تي ڪنھن سٺي اسپتال مان علاج ڪرائي سگھي.

هو نه صرف شاعر آهي، پر ڪلاڪاري جو فن به رکي ٿو، مقامي شادين خوشين جي لمحن ۾ محفلن کي سجائيندڙ سريلو راڳي پڻ آهي، ثقافت کاتي سنڌ توڙي سرندي وارن ماڻھن کي اپيل ٿي ڪجي ته ھن لاچار ۽ بيوس نوجوان جي زندگي بچائڻ لاءِ ھن ڪار خير ۾ ھٿ ونڊائين ته جيئن سنڌ جو ھڪ محبوب شاعر ۽ فنڪار جي زندگي بچائي سگھجي، سندس اولاد کي کسيل خوشيون واپس ڏياري سگھجن، جيڪڏھن اسان ڪاڇي ڪنڌي جي ھن محبوب شاعر ۽ فنڪار جي علاج لاءِ ٿوري به دير ڪئي ته وقت ھٿن مان نڪري ويندو ۽ پوءِ اسين سڀ شاعر امام علي زنگيجو جا مياري ٿيننداسين، شايد اھا ميار پوءِ وڏي ميار ٿي وڃي.

You might also like