نيب واپارين جا ڪيس نه ٻڌندو….!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جاويد اقبال چيو آهي ته نيب بزنس ڪميونٽي جا انڪم ۽ سيلز ٽيڪس بابت ڪيس نه ٻڌندو.

اسلام آباد وفاق ايوان جي صنعت ۽ واپار بابت وفد چيئرمين نيب سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو ته نيب ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ بزنس ڪميونٽي جي خدمتن جي قدر ڪري ٿو ۽ انهن جي مسئلن جي حل کي پهرين ترجيح ڏيندو آهي.

جاويد اقبال چيو ته نيب بزنس ڪميونٽي جي انڪم ۽ سيلز ٽيڪس بابت ڪيس نه ٻڌندو ۽ نيب ۾ انڪم سيلز ۽ ٽيڪس بابت ڪيس ايف بي آر ڏانهن موڪليا ويا آهن. نيب چيئرمين ٻڌايو ته هن ملتان، بهاولپور، ڊي جي خان جي فلور مالڪن کي جاري نوٽيس به معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

You might also like