ٻوڏ آڏو بند ٻڌڻو پوندو…! حڪومت تياري ڪري ورتي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار جو چوڻ آهي ته بهتر معياري زندگي لاءِ آبادي جي ٻوڏ آڏو بند ٻڌڻو پوندو.

تفصيل موجب آبادي بابت عالمي ڏينهن جي موقعي تي پهنجي بيان ۾ پنجاب جي وڏي وزير چيو ته وسيلن جي تحفظ لاءِ انساني آبادي جي ٻوڏ روڪڻي پوندي، آبادي ۾ واڌ هوندي وسيلن جي هٿي چيلينج آهي.

سردار عثمان بوزدار چيو ته بهتر معيار زندگي جي لاءِ آبادي جي ٻوڏ آڏو بند ٻڌڻو پوندو، بهبو آبادي جو شعور بيدار ڪرڻ معاشري جي هر فرد  جي ذميواري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.