”سنڌ حڪومت پوليس ۾ سڌارن وارو بل زبردستي پاس ڪرايو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي ايم پي اي  نصرت سحر عباسي چيو آهي تھ سنڌ حڪومت سنڌ پوليس ۾ سڌارن وارو بل زبردستي پاس ڪرايو آهي.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نصرت سحر عباسي چيو ته سنڌ حڪومت ڄاڻي واڻي آءِ جي سنڌ کي اختيار نه ٿي ڏيڻ چاهي.اي ڊي خواجھ کان وٺي جهيڙو هلندو پيو اچي.

سندس چوڻ هو تھ  سڀني کي خبر آهي تھ سنڌ حڪومت پوليس کي اختيار ڇو نٿي ڏيڻ چاهي سنڌ حڪومت، سياسي مقصدن ڪري پوليس کي اختيار نٿي ڏيڻ چاهي.

You might also like