ڀارت جنگ مڙهي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: وزيراعظم عمران

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جنگ نٿا چاهيون پر ڀارت جنگ مڙهي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين.

وزيراعظم عمران خان سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اها عام راءِ جي جنگ آهي، اسان کي اها جنگ کٽڻي آهي، ڀارت ڪشمير تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.

هن چيو ته هٿين خالي ڪشميرين تي وڌندڙ ڀارتي ظلمن بابت عالمي دنيا کي آگاهه ڪنداسين، ڀارت والاريل وادي ۾ هٿين خالي ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي.

سندس چوڻ هو اسان دنيا کي ٻڌائينداسين ته مودي سرڪار ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهي آهي، ڀارت والاريل ڪشمير جا جاگرافي تبديل ڪرڻ چاهي ٿو، مودي سرڪار جي سوچ هٽلر جهڙي آهي.

وزيراعظم چيو ته ڪشميرين جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين، اسان جنگ نٿا چاهيون، ڀارت جنگ مڙهي ته ڀرپور جواب ڏينداسين، نريندر مودي سان سدائين امن جي ڳالهه ڪئي.

هوڏانهن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته سڄي دنيا انتظار ۾ آهي جڏهن والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو ختم ڪيو ويندو ته مظلوم ڪشميرين سان ڇا ٿيندو؟ ڇا بي جي پي حڪومت جو خيال آهي ته بي پناهه عسڪري قوت سان ڏَڍ تي ڪشميرين جي آزادي تي تحريڪ کي گُهٽو ڏيندي؟ چٽا امڪان آهن ته ان تحريڪ ۾ شدت ايندي.

هن چيو ته ان جو يقيني نتيجو اهو آهي ته دنيا کي والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشي جو بدترين مظاهرو ڏسڻ لاءِ ملندو، اهم سوال اهو آهي ته ڇا هڪ ڀيرو ٻيهر اسان کي فاشزم، بي جي پي جي حڪومت جي صورت ۾ خوشامد ڏسڻ لاءِ ملندي يا عالمي برادري اخلاقي جرئت جو مظاهرو ڪندي ان جو رستو روڪيندي؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.