نالائق وزيراعظم کي وزيراعظم نٿي مڃان: مريم نواز

بهاولپور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نالائق وزيراعظم کي وزيرعاظم نٿي مڃان.

بهاولپور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم اورنگزيب اسلام آباد ۾ نينگري سان ڏاڍائي ۽ قتل جي مذمت ڪندي چيو ته فرشته مهمند پاڪستان جي ڌيءَ هئي،  تنهنڪري آواز اٿارينداسين.

 نالائقن جي حڪومت غريب عوام لاءِ ڪنهن سانحي کان گهٽ ناهي، ماڻهو هر روز صبح جو اٿڻ سان مهانگائي جي خبر ٻڌندا آهن، 10 مهينن ۾ هڪ به سٺي خبر ناهي ٻڌي، مهانگائي سبب زال مڙس وچ ۾  جهيڙا  ٿي رهيا آهن ڇو جو آمدني گهٽ ۽ خرچ ٻيڻا ٿي ويا آهن.

مريم نواز چيو ته نالائق اعظم کي وزيراعظم نٿي مڃان، هي چور دروازي مان چوري ڪري آيو آهي، جيڪو غلط ڪم ڪري اڳتي ايندو آهي ان جون ٽنگون ڏڪنديون آهن، نالائق اعظم چوندو هو ته خيرات نه وٺندس، خيرات ته نه ورتي پر ملڪ جي ناڻي جو ڄاٻيون آءِ ايم ايف کي ڏنيون ويون آهن، ملڪ ۾ هر شيءَ مهانگي آهي رڳو ٻه شيون رپئي جو ملهه ۽ ملڪي خودمختياري سستي آهي.

ن ليگ جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته تبديلي جا دعويدارن جو برو حال ڪري ڪري ڇڏيو آهي، ڪجهه عرصي کان پوءِ سندن اصل چهرو وائکو ٿي ويندو، ماڻهو سندن ڀوائتو روپ ڏسي رهيا آهن.

مريم نواز ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ حد کان وڌيڪ واڌ ڪئي وئي آهي.مون سان هڪ غريب عورت ملاقات ڪئي آهي جنهن جو چوڻ آهي ته ماڻهن جي گهرن ۾ ڪپڙا ڌوئيندي آهيان ۽ مهيني ۾ ويهه هزار رپيا ڪمائي وٺندي آهيان،  پر بجليءَ جو بل پنجويهه هزار آيو آهي، هڪ ڪمرو آهي ان ۾ هڪ پکو آهي ۽ ڪجهه بتيون آهن، هوءَ چوي ٿي ته ماني کائون، بل ڏيون، دوائون وٺون، ٻارن جون فيسون ڏيون ڇا ڪيون.

You might also like