پاڻي کوٽ ۽ آبادگارن جون دانهون

امتياز چانڊيو

مون کي اها ڳالهه سوچيندي پئي ڳڻتي ورايو ته جهڙي طرح هن وقت سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، وقت تي فصل نٿو پوکجي سگهي، خدا نه ڪري ته اڳتي هلي سنڌ ۾ اناج جي کوٽ پيدا ٿي وڃي ۽ ڏڪار واري صورتحال ڪر کڻي، روزانو اخبارن توڙي ٽي وي چينلن تي پاڻي جي کوٽ خلاف سنڌ جي ماڻهن جي احتجاجن وارين خبرن کي معمولي ڳالهه نه سمجهيو وڃي، جتان جا آبادگار احتجاج ڪن ٿا، جولاءِ جو مهينو هلي رهيو آهي، پر اتي اڃا تائين سارين جو فيصل نه پوکجي سگهيو آهي، مند ختم ٿيندي پئي وڃي، هاري ۽ آبادگار فصل لاءِ پاڻي نه ملڻ ڪري سخت پريشانيءَ ۾ وڪوڙجي رهيا آهن.

حيرت ته ان ڳالهه جي آهي ته جوهي ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج، رائيس ڪينال جي آبادگارن جو لاڙڪاڻي ۾ احتجاج، بدين جي آبادگارن جو احتجاج، ٽنڊوالهيار جي آبادگارن جو احتجاج، عمرڪوٽ جا آبادگار به سراپا احتجاج، ٺٽو ۽ سجاول جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج، سکر ۾ به پاڻي کوٽ خلاف احتجاج پيو ٿئي ته باقي سنڌ جو ڪهڙو علائقو رهيو آهي، جتي پاڻي پهچي پيو ۽ فصل پيو پوکجي پيو، هر علائقي مان دانهن ٿي رهي آهي ته شاخن جي پاڻي تي ڌاڙو لڳي رهيو آهي، آبپاشي کاتي جا عملدار رشوت وٺي منڍ جي آبادگارن کي پاڻي ڏئي رهيا آهن، باقي هيٺاهين وارا آبادگار ڪنگال ٿي ويا آهن.

بدين واري لاڙ پٽ جي زمين جتي لکين ايڪڙن تي سارين جو فصل پوکيو ويندو آهي، ان زمين مان وڏو اناج لهندو آهي، جيڪو سڀ کان پهرين سنڌ جي ماڻهن تائين پهچندو آهي، جڏهن اڃا اتر واري پاسي ساريون نسرنديون مس آهن ته بدين جون ساريون تيار ٿي وينديون آهن ۽ بدين جو اٽو ۽ چانور مارڪيٽ ۾ وڪرو پيا ٿيندا آهن، پر هن سال بدين کي فصل لاءِ پاڻي پهچائيندڙ ڦليلي ۽ اڪرم واهه ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، بدين جا آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن، پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ بجاءِ حڪومت ان جو آسان حل ڪڍيو، بدين ضلعي ۾ سارين جو فصل پوکڻ تي ئي پابندي مڙهي ڇڏي، جنهن ڪري آبادگار سخت پريشان ٿي ويا آهن، واضح ڪندو هلان ته بدين ۾ ڪافي سالن کان پاڻي جي کوٽ آهي، جنهن ڪري اتان جون لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، 50 ايڪڙ زمين جا مالڪ ڪاٺيون وڪڻڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

هوڏانهن جيڪو ڪينال نج پج ٺهيو ئي ان ڪري هيو ته ان ذريعي سکر کان وٺي دادو تائين جون زمينون آباد ڪيون وڃن، ان رائيس ڪينال ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، جنهن ڪري دادو جون زمينون آباد نه ٿي سگهيون آهن، ماڻهو پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، پر ڪير به سندن دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، مون کي ميهڙ جي دوستن پئي ٻڌايو ته رائيس ڪينال ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، سارين جو ٻيجارو به مشينن ذريعي پاڻي ڏئي ڀرائي رهيا آهيون، هن سال سارين جو فصل پوکڻ مشڪل ٿي ويو آهي، هاڻ جيڪڏهن رائيس ڪينال تي به سارين جو فصل متاثر ٿيو، بدين ۾ به ساريون پوکجي نه سگهيون ته پوءِ اناج جي کوٽ ته پيدا ضرور ٿيندي، جنهن کي منهن ڏيڻ حڪمرانن لاءِ مشڪل بڻجي ويندو. ٻئي طرف ٺٽي ضلعي ۽ سامونڊي توڙي ڪوھستاني علائقن جي شاخن ۾ پڻ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، جنهن ڪري ماڻهو سخت پريشان آهن، پاڻي جي کوٽ ايتري ته وڌي وئي آهي جو فصل ته پري جي ڳالهه پر انسانن، جانورن ۽ پکين جي پيئڻ لاءِ به پاڻي موجود ناهي، پاڻي جي کوٽ خلاف کاروڇاڻ کان لانگ مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ موجود آبادگار ھڪ سئو ڪلو ميٽر پنڌ ڪري مڪلي کان ٿيندا ٺٽو پهتا ۽ هنن اهڙي شڪايت اعليٰ اختيارين کي ڏني، پر سندن دانهن کي به ڪنهن نه ورنايو ۽ مسئلو حل نه ٿيو، سنڌ جون آبادگار تنظيمون به پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪري رهيون آهن..

سنڌ سرڪار جي اهو موقف ته ارسا پاڻي جي صحيح ورڇ نٿو ڪري پاڻي جي مٿان کان کوٽ آهي، تنهن ڪري واهن ۽ شاخن ۾ به پاڻي جي کوٽ آهي، سرڪار جي اها ڳالهه کڻي مڃي به وٺجي پر هڪ آبادگار سان ڪچهري پئي ٿي، هن واضح ڪري ٻڌايو ته پاڻي جي کوٽ ۾ ايريگيشن کاتي جا عملدار ئي ملوث آهن، ايريگيشن جا عملدار منڍ جي آبادگارن کان ڳري رشوت وٺن ٿا، واهن کي دڪا لڳا ڏين ٿا ۽ مانڊولن جا منهن کولي هٿ سان پاڻي جي جوڙيل سسٽم کي متاثر ڪري آبادگارن کي پريشان ڪري رهيا آهن، سنڌ سرڪار کي ان طرف به ڌيان ڏيڻ گهرجي، ايريگيشن جي عملدارن جي ڪرپشن کي روڪي پاڻي جي ورڇ کي درست ڪري سگهجي ٿو، پر سنڌي ۾ چوڻي آهي ته “پڄي پاڻ کان ڪون، لک لعنت گوڏن تي” سنڌ سرڪار پنهنجي ناڪامي کي لڪائڻ لاءِ پاڻي جي کوٽ جو سڄو الزام وفاقي حڪومت ۽ ارسا مٿان هڻي پاڻ کي آجو قرار ڏئي ٿي، نتيجي ۾ ننڍا آبادگار ڪنگال ٿي ويا آهن.

1991ع جي پاڻي ٺاهه موجب سنڌو درياهه جي انڊس ڊيلٽا ۾ 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏڻو هوندو آهي، پر ان تي عمل نٿو ٿئي، انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه وڃڻ ڪري ڊيلٽا جا فصل ۽ ٻيلا تباهه ٿي ويا آهن، زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، جر کارو هجڻ ڪري هاڻي ته ٺٽو کان ويندي کاروڇاڻ تائين ماڻهن وٽ پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي ئي ناهي، ماڻهو سينکئي وارو پاڻي واپرائڻ ڪري بيمارين ۾ وڪوڙجي رهيا آهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي ڪينالن، شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪري برابري جي بنياد تي آبادگارن کي فصل لاءِ پاڻي ڏنو وڃي، ايريگيشن کاتي جي ڪرپشن کي ٻنجو ڏئي آبادگارن کي تباهه ۽ برباد ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.