کائڻ کان اڳ ميوا ڌوئڻ ڪيترو ضروري؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڇا اوهان ميوا کائڻ کان اڳ انهن کي ڌوئيندا آهيو؟ ماهرن چيو آهي ته ائين ڪرڻ اوهان کي گھڻن خطرن کان محفوظ رکي سگھي ٿو.

فوڊ سيفٽي ماهرن موجب کائڻ کان اڳ ميون کي ڌوئڻ سان انهن تي لڳل جراثيم ۽ مٽي کان جان ڇڏائڻ جو سولو طريقو آهي.

ڪجهه ماڻهو اهڙا ميوا ڌوئي ناهن کائيندا جن جو اندروني حصو کاڌو ويندو آهي جيئن ڇانهي، پر ماهرن موجب اهڙن ميون جي ٻاهرين سطح تي ننڍا ننڍا سوراخ يا پورز هوندا آهن جن مان اهي جراثيم داخل ٿي سگھن ٿا.

ماهرن جي تجويز آهي ته ميون کي کليل نل هيٺان رکي انهن کي هلڪو مهٽيو وڃي،

هنن جو اهو به چوڻ آهي ته ميون کي ڌوئڻ به ان ڳالهه کي يقيني ناهي بڻائيندو ته اهو ميوو کائڻ لاءِ مڪمل طور تي محفوظ ٿي ويو آهي يا نه، جيتوڻيڪ جراثيمن کان بچڻ جي هڪ فائديمند ڪوشش ضرور ثابت ٿي سگھي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.