ڀارتي اداڪارا پوجا بترا ڳجهي شادي ڪري ڇڏي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ ۾ جتي ڪجهه ورهين کان شادين جو سلسلو جاري آهي، اتي ڪجهه اداڪارائون ڳجهي نموني ۽ خاموشي سان شادي ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهيون آهن.

اداڪارا نيها ڌوپيا کانپوءِ  ماضي جي مشهور اداڪارا پوجا بترا به ڳجهي نموني شادي ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب پوجا بترا ساٿي اداڪارا نوابشاهه سان هڪ هفتو اڳ ڳجهي شادي ڪئي جنهن کانپوءِ هن پنهنجي انسٽاگرام تي شادي جي ويڊيو ۽ تصويرون شيئر ڪيون.

پر انهن ويڊيوز ۾ اداڪارا ۽ سندس همسفر نوابشاهه جو چهرو نظر نه آيو، جڏهن مداحن طرفان ويڊيو ڏسندي ئي کيس وڌائن ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو.

View this post on Instagram

Man Crush Everyday @nawwabshah

A post shared by Pooja Batra (@poojabatra) on

رپورٽن موجب پوجا بترا ۽ نوابشاهه هڪ هفتو اڳ شادي ڪري ورتي ۽ جلد ئي ٻئي پنهنجي شادي کي قانوني طور رجسٽرڊ ڪرائيندا.

پرڏيهي ميڊيا موجب ٻنهي هندو ريتن رسمن تحت شادي ڪئي ۽ امڪاني طور هو شادي کي رجسٽرڊ ڪرائڻ کانپوءِ دوستن کي پارٽي پڻ ڏيندا.

واضح رهي ته 42 ورهين جي پوجا بترا جي اها ٻي شادي آهي، هن پهرين شادي 2002ع ۾ ڪئي هئي جيڪا 2011ع ۾ طلاق تي ختم ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.