ويڊيو اسڪينڊل: رابي پيرزادا جي ايف آءِ اي کي دانهن

لاهور (ويب ڊيسڪ) گلوڪارا رابي پيرزادا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل پنهنجي اڻ وڻندڙ ويڊيوز خلاف ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ سان رابطو ڪري ورتو.

گذريل ڏينهن رابي پيرزادا جون اڻ وڻندڙ ۽ غير اخلاقي ويڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون جنهن سبب رابي پيرزادا ڏسندي ئي ڏسندي ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي وئي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: مولانا فضل الرحمان نيلم منير جي دل ٽوڙي ڇڏي..!

سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي واهپيدارن ويڊيوز ليڪ ٿيڻ سبب کيس تنقيد جو نشانو بڻايو جڏهن ته گھڻن ماڻهن هن جي حمايت به ڪئي. رابي پيرزادا پنهنجي ليڪ ٿيل ويڊيوز خلاف فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) جي سائبر ڪرائيم ونگ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ هن مطالبو ڪيو آهي ته جاچ ڪئي وڃي ته هن جون ويڊيوز ڪنهن ليڪ ڪيون.

هي به پڙهي سگھو ٿا: رابي پيرزادا جون غير اخلاقي وڊيوز وائرل

هن وڌيڪ چيو ته هن پنهنجي موبائل فون ۾ ڪجهه خرابي اچڻ سبب ان کي ٺيڪ ڪرائڻ لاءِ ڏنو هو ۽ ڪنهن هن جي موبائيل فون مان هن جون ويڊيوز ۽ تصويرون چورائي سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪري ڇڏيون. رابي پيرزادا ايف آءِ اي کان اهي ويڊيوز سوشل ميڊيا تان هٽائڻ جي به درخواست ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.