چهري جي خوبصورتي لاءِ ميون جو استعمال

ميوا، جهڙي ريت انساني صحت لاءِ فائديمند آهن، ايئن ئي چهري ۽ هٿن جي چمڙي لاءِ تمام گهڻوفائديمند آهن. عورتون چهري جو رنگ صاف ڪرڻ ۽ چمڙي کي صحت مند ڪرڻ لاءِ هرطرح جا ٽوٽڪا استعمال ڪنديون آهن،

 جڏهن ته ميون جي استعمال سان گهڻو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿيون. ڪيلو خشڪ چمڙي لاءِ بيحد فائديمند آهي، هڪ ڪيلو هڪ چمچو ماکيءَ جو ملائي چهري تي هڻو، 15 منٽن کان پوءِ مُنهن ڌوئي وٺو.

هي ٽوٽڪو اوهان جي چهري جي سموري مٽي ڪڍي ڇڏيندو آهي ۽ اوهان جو چهرون صاف ٿي ويندو آهي، اهڙي طرح ليمي جو رس پڻ ڏاڍو فائديمند آهي، ليمي جو رس يا ڳَرُ چهري تي لڳايو وڃي ته ڇايون ختم ٿي ويندو آهن،

 جيڪڏهن ڏندن يا هوڙ ۾ ليمي جو رس لڳايو وڃي ته ڏندن ۾ ڄميل ڦڪاڻ ختم ٿي ويندي آهي، ليمي جي کل کي پيهي ضرورت موجب ڪنهن به ڪريم ۾ ملائي اکين وٽ لڳايو وڃي ته داغ ختم ٿي ويندا آهن،

سونف جو استعمال سڻڀي چمڙي لاءِ فائدي مند آهي. سڻڀي چمڙي رکندڙ عورتون سونف کي پيهي چهري تي لڳائين، 10 کان 15 منٽن کان پوءِ ٿدي پاڻي سان مُنهن ڌوئي وٺن ته چهري جي سڻڀ ختم ٿي ويندي آهي.