پاڪستان ۽ افغانستان جو فنڊ ميڪسيڪو تي ڀت جي اڏاوت لاءِ مخصوص

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ مخصوص هڪ ارب پنجاهه ڪروڙ ڊالرن وارو فنڊ ميڪسيڪو سرحد تي ڀت جي اڏاوت لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ميڪسيڪو سرحد تي ڀت جي اڏوات لاءِ آمريڪا پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ مخصوص هڪ ارب پنجاهه ڪروڙ ڊالرن جي فنڊ کي استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

آمريڪا جي وقتي بچاءَ واري سيڪريٽري پيٽرڪ شهنان موجب ميڪسيڪو جي سرحد تي پت جي اڏاوت لاءِ هڪ ارب پنجاهه ڪروڙ ڊالر مخصوص ڪيا ويا آهن ۽ اها رقم آمريڪا طرفان مختلف پروگرامن لاءِ مخصوص فنڊ مان ورتي ويندي.

افغان سيڪيورٽي فورسز جي فنڊ لاءِ مخصوص رقم ۾ 60 ڪروڙ ڊالر جڏهن ته پاڪستان لاءِ مخصوص اليشن سپورٽ فنڊ مان به رقم ورتي ويندي

You might also like