آمريڪا جو وڌيڪ فوجي دستا سعودي عرب موڪلڻ جو اعلان

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا رياض حڪومت جي درخواست تي پنهنجا وڌيڪ فوجي سعودي عرب روانا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

آمريڪا جي بچاءَ واري وزير مارڪ ايسپر جو ان حوالي سان چوڻ هو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب ۾ واڌو آمريڪي دستن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

هن ٻڌايو ته آمريڪي دستا اتي دفاعي مقصدن لاءِ موڪليا پيا وڃن.

هي به پڙهي سگهو ٿا: آمريڪا يا سعودي حملو ڪيو ته اها کليل جنگ هوندي: ايران

اهو آمريڪي فيصلو سعودي عرب ۾ تيل جي ٺڪاڻن تي حملن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.

مارڪ ايسپر موجب سموريون شاهديون ان پاسي اشارو ڪن ٿيون ته انهن حملن ۾ ايران جو هٿ هو.

هوڏانهن ايران اهڙن الزامن کي رد ڪري چڪو آهي.

واضح رهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کانپوءِ پنهنجي بيان ۾ ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف تنبيهه ڪندي چيو هو ته تهران خلاف ڪا به عسڪري ڪارروائي ڪئي وئي ته ان جو نتيجو هڪ ڀرپور ۽ کليل جنگ جي صورت ۾ نڪرندو.

سندس چوڻ هو ته ايراني علائقي جو بچاءُ ڪرڻ ۾ اک ڇنڀ جي به دير نه ڪئي ويندي.

هن وڌيڪ چيو هو ته مان انتهائي سنجيده بيان ڏئي رهيو آهيان ته اسان جنگ نٿا چاهيون، اسان ڪنهن عسڪري تڪرار ۾ وچڙڻ نٿا چاهيون پر پنهنجو بچاءُ ڪرڻ ۾ دير نه ڪنداسين.

ان کان اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو سعودي عرب ۾ تيل ٺڪاڻن تي ڊرون ۽ ميزائل حملي کي هڪ جنگي قدم قرار ڏنو هو.

ٻنهي ملڪن ۾ تازي ڇڪتاڻ کانپوءِ ايراني صدر حسن روحاني آمريڪا سان مشروط ڳالهين لاءِ راضپو ظاهر ڪندي چيو هو ته جيڪڏهن آمريڪا خير سگالي جو مظاهرو ڪري ٿو ته اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون.

ايراني صدر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن آمريڪا دٻاءُ برقرار رکندو ته ڳالهيون ممڪن ناهن، اهڙي قسم جي دٻاءَ ۾ اچي ڪو به ملڪ ڳالهين جي ميز تي نه ايندو.

روحاني موجب جيڪڏهن آمريڪا واقعي ڳالهيون چاهي ٿو ته ان کي خير سگالي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.

واضح رهي ته آمريڪا طرفان عالمي جوهري ڊيل مان نڪرڻ کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.