وچ اوڀر ۾ وڃڻ آمريڪي تاريخ جو بدترين فيصلو هو: ڊونلڊ ٽرمپ

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ وڃڻ آمريڪي تاريخ جو بدترين فيصلو هو.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته وچ اوڀر ۾ وڏي پئماني تي تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن جي موجودگي جي غلط اطلاع تي وياسين، جڏهن ته اتي اهڙا هٿيار نه هئا.

هن چيو ته آمريڪا کي وچ اوڀر ۾ نه وڃڻ گهرجي ها، آمريڪا وچ اوڀر ۾ 80 لک ڊالر خرچ ڪيا، هزارين آمريڪي فوجي مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا، ٻئي پاسي ڏانهن به لکين ماڻهو ماريا ويا، شام مان پنهنجي فوجي اهلڪارن کي ڪڍي ڇڏيو آهي.


سندس چوڻ هو ته يورپ جن داعش ويڙهاڪن کي واپس وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي، ترڪي انهن کي قابو ڪري، اسان پنهنجي عظيم فوجين کي محفوظ طريقي سان گهر واپس آڻي رهيا آهيون.

آمريڪي صدر موجب اسان جو ڌيان هاڻ وڏي منظر تي آهي، آمريڪا اڳ کان وڌيڪ عظيم آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.