انٽر بئنڪ ۾ ڊالر تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) انٽر بئنڪ ۾ ڊالر تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. ڪراچي جي شروعات تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ رپيو هڪ دفعو ٻيهر ڪمزور ٿي ويو ۽ رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ٿيو جنهن سان ڊالر 151 ڏهائي 90 رپين جو ٿي ويو آهي. ڪاروبار دوران ڊالر جو ملهه وڌيڪ مضبوط ٿي ويو آهي جنهن ۾ 54 پئسن جو اضافو ٿيو آهي جنهن سان ڊالر 152 ڏهائي 10 رپين جو ٿي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي ملهه ۾ اضافي کانپوءِ اوپن مارڪيٽ ۾ به ان جي ملهه ۾ اضافو ٿي ويو آهي ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ به ان جي قيمت ۾ اضافو ٿي ويو آهي ۽ ڊالر 40 پئسا مهانگو ٿي 152 رپيه 40 پئسن جو ٿي ويو آهي.