آمريڪا جو سٺ کان وڌيڪ پاڪستانين کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا 60 کان وڌيڪ پاڪستانين کي مختلف قانونن جي ڀڃڪڙي جي الزام ۾ ملڪ نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب آمريڪا طرفان جن پاڪستانين کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي انهن تي ويزا قانونن سميت مختلف قانونن جي ڀڃڪڙين جو الزام آهي.

آمريڪا طرفان ملڪ نيڪالي ڏنل پاڪستانين تي ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث هئڻ جا به الزام آهن.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته آمريڪي رياست ٽيڪساس مان خاص اُڏام ذريعي پاڪستانين کي اسلام آباد آندو ويندو.

You might also like